ڳڙھي ياسين ڀرسان زمين جي مالڪيءَ تان جهيڙو،فائرنگ،نوجوان زخمي

ڳڙهي ياسين (رپورٽ:شهمير جمالي)ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ جادو ڪلھوڙو ۾ رحيم بخش بروهي ۽ سعد الله انڙ جي ڌرين ۾ ھلندڙ زمين جو  تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، هڪ ڪلاڪ تائين فائرنگ جي ڏي وٺ سبب علائقو ميدارن جنگ بڻيل رهيو.گوليون لڳڻ سبب   نوجوان ارسلان انڙ سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال آندو ويو جتان حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس صحافين کي ٻڌايو ته رحيم بخش بروهي ۽ سعدالله انڙ جي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ هو، جيڪو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آهي. هن ٻڌايو ته پوري ضلعي جي نفري طلب ڪئي آهي، جنهن کي ڳوٺ جادو ڪلهوڙو اماڻي ڇڏيو آهي جلد ڌرين ۾ فائرنگ بند ڪرائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.