گوڏن جي سُور مان دوا کائڻ بنا ڇوٽڪارو حاصل ڪيو

 

گوڏن جو سور تڪليف ڏيندڙ مرض آهي ۽ اها تڪليف ماڻهو کي هلڻ ڦرڻ کان لاچار به بڻائي ڇڏيندي آهي، جنهن سبب ٻيون بيماريون به انسان تي حملي آور ٿي وينديون آهن.

هن تڪليف کي ضابطي ۾ رکڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ طبي ماهرن ڪجهه هدايتون ڏنيون آهن، جن سان تڪليف کي گهٽائي سگهجي ٿو.

پنهنجين ڄنگهه کي طاقتور بڻايو:

عضون جي ڪمزوري گوڏن جي تڪليف ۾ واڌ جو سبب بڻجندي آهي، ڊاڪٽرن موجب جيڪڏهن ٽنگن جا عضوا طاقتور هوندا ته گوڏن تي دٻاءُ گهٽ پوندو، جنهن سان تڪليف گهٽجي ويندي.

ان لاءِ اوهان کي ڏاڪڻ ڏانهن منهن ڪري سڌو بيهڻو آهي ۽ پهرئين ڏاڪي تي پير رکي جسم جو سمورو بار ٽنگ تي وجهڻو آهي ۽ هٿن جي مدد سان چيلهه کي سڌو رکي چڙهو ۽ لهو، اهو عمل ورجائڻ سان ضرور فائدو پوندو.

گوڏن کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ڪور چاڙهيو:

عام طور تي مارڪيٽ ۾ گوڏن کي ٻڌڻ يا انهن کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ڪور موجود هوندو آهي، جنهن کي گوڏن تي چاڙهڻ سان انهن تي 43 سيڪڙو دٻاءُ گهٽجي ويندو آهي ۽ تڪليف به گهٽ ٿئي ٿي.

گوڏن کي حرڪت ڏيندا رهو:

عام طور تي انسان جون هڏيون سڻڀ جي کوٽ سبب سخت ٿي پونديون آهن، تڪليف ڏينديون آهن، ان لاءِ اوهان کي روزانو ورزش ڪري انهن کي نرم رکڻ گهرجي.

لوڻياٺ ۽ سڻڀ وارين شين کان پاسو ڪريو:

گهڻو لوڻ استعمال ڪرڻ سان جوڙن جي تڪليف ٿيندي آهي، جنهن سبب گوڏن ۾ به سور پئجي سگهي ٿو، ان لاءِ اوهان کي لوڻ گهٽ کان گهٽ واپرائڻ گهرجي.

اهڙي ريت سڻڀ رت ۾ غير صحتمند ڪوليسٽرول جمع ڪري ٿو، جيڪو گوڏن لاءِ خطرناڪ آهي.

پراڻا جوتا استعمال ڪرڻ ڇڏيو:

ڪڏهن ڪڏهن گوڏن جي تڪليف جو سبب جوتا به هوندا آهن، جن کي تبديل ڪري آرامده جوتا آزمايو.

گوڏن تي دٻاءُ وجهندڙ عمل نه ڪريو:

گوڏن جي تڪليف ۾ مبتلا ماڻهن کي اها صلاح ڏني وڃي ته اهڙيون رانديون يا عمل جن سان گوڏن تي وڌيڪ دٻاءُ پوندو هجي انهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي نه ته تڪليف پيدا ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.