”نواز شريف جي تاحايت نااهلي جو معاملو جلد حل ٿي ويندو“

 

حافظ آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته نواز شريف جي تاحيات نااهلي جو معاملو جلد حل ٿي ويندو.

حافظ آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته مسجد نبوي صه ۾ پيش آيل واقعو افسوسناڪ آهي، واقعي جا ڪيس رياست طرفان داخل نه ڪيا ويا، قانون واري وزارت ان معاملي جو جائزو وٺي رهي آهي.

هن چيو ته عمران خان لانگ مارچ کان اڳ پنهنجي غلطين تي نظر وجهي، پي ٽي آءِ حڪومت کي آئيني طريقي سان هٽايو ويو، پي ٽي آءِ حڪومت جا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو آئين کان وڌيڪ پنهنجي پارٽي ليڊر کي اهميت ڏئي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.