حيدرآباد (اي پي پي) ٽماٽي جا ڪيترائي فائدا آهن ۽ ٽماٽي جو هر کاڌي ۾ استعمال ضروري سمجهيو ويندو آهي. ٽماٽي جي گهڻي واپرائڻ سان ڪجهه نقصان به ڄاڻايا ويندا آهن تنهن هوندي به اهي نقصان ٽماٽي جي ثابت يا ڀاڄيءَ ۾ استعمال ڪرڻ سان مشروط هجن ٿا. هڪ تازي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ٿڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ انرجي ڊرنڪس (توانائي وارا مشروب) جي ڀيٽ ۾ ٽماٽي جو جوس وڌيڪ فائدي وارو آهي. اهو ڪينسر ۽ دل جي بيمارين کان به ڪنهن حد تائين بچائي ٿو. ٻن مهينن تائين لاڳيتو هي جوس پيئڻ سان جسم ۾ پروٽين جي کوٽ به ختم ٿي سگهي ٿي.
-
حيدرآباد ۾ اڄ موسم شديد گرم رهندي: موسميات کاتو
حيدرآباد (اي پي پي) موسميات کاتي مطابق اڄ حيدرآباد ۾ موسم شديد گرم رهندي. موسميات کاتي مطابق گذريل ڏينهن حيدرآباد 44 ڊگري سينٽي گريڊ سان گرم علائقن ۾ شامل رهيو. گذريل ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 34 سينٽي گريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ 44 سينٽي گريڊ ۽ هوا ۾ گهم 59 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ايندڙ ٻن ڏينهن دوران حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موسم ساڳئي ريت شديد گرم رهندي.