خيرپور ڀرسان نوجوان مبينا کنڀي گم، وارثن جو پوليس خلاف ڌرڻو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) جمالي برادري جي نوجوان پورهيت مشتاق پٽ الطاف جمالي کي نارو ڊورو روڊ تان مبينا طور پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنهن عمل خلاف نوجاون جي وارثن جو ايس ايس پي آفيس  آڏو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو پوليس خلاف نعريبازي ان سلسلي ۾ احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ احسان علي جمالي خدابخش جمالي ۽ بين ٻڌايو ته  ٽي ڏينھن اڳ نوجوان مشتاق جمالي ناروڍورو روڊ سان اچي رهيو هيو ته حد جي پوليس کيس کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي مختلف ٿاڻن تي ڳولها باوجود سندس ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي هنن چيوته ان کي شڪ آهي ته پوليس کيس ماري گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏھن پوليس اسان جي نوجوان کي ڪجھ به ڪيو ته اسان عدالت ۾ وينداسين هنن ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته نوجوان کي ظاهر ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ هڻداسين جنهن جي زميواري خيرپور پوليس تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.