پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي منظور ٿيل ٺهراءُ

پورهيتن جي عالمي ڏينهن پهرين مئي تي حيدرآباد ۾ کاٻي ڌُر جي پارٽين (سنڌ هاري ڪاميٽي، وطن دوست جمهوري پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، طبقاتي جدوجهد، عوامي جمهوري پارٽي،ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو, پورهيت مزاحمت) طرفان قبول ڪيل قراردادن جو وچور

قراردادون

1.آءِ ايم جي پاليسين تي هلندي ريلوي، پي آءِ اي، اسٽيل مِل، واپڊا، تعليم ۽ صحت سميت سمورن سرڪاري ادارن توڙي شعبن  جي نجڪاري جي ڪوششون بند ڪيون وڃن.

2.پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اُجرت هڪ تولي سون برابر ڪئي وڃي.

3.کاڌي پيتي، دوائن، ۽ تيل سميت روزاني جي استعمال هيٺ شين تي سبسڊي ڏئي، اڻ سڌو ٽيڪس ختم ڪري، اميرن مٿان ٽيڪس مڙهي ، پورهيت عوام تان مهانگائي جو وزن گهٽ ڪيو وڃي.

4.ٺيڪيداري نظام ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ منجهه ڪرپشن جو خاتمو ڪري، سمورن مزدورن کي اپائنٽمينٽ ليٽر ۽ سوشل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

5.بند پيل ملون ۽ ڪارخانا هلائي،روزگار جي مقامي وسيلن تي مقامي پورهيتن جو حق تسليم ڪيو وڃي.

6.زرعي سُڌارا ڪري، ڪارپوريٽ سرمائيدارن، جاگيردارن، رٽائر جرنلن ۽ ڪامورن کان زمينون وٺي بي زمين هارين ۾ ورهائي وڃي.

7.ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن کي سستو ڪري عام هاري تائين پُهچايا وڃن.

8.ڊيلٽا ۽ پُڇڙي تائين پاڻي جي فرهامي کي يقيني بڻايو وڃي.

9.ماحولياتي شهيد ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڪري، جاگيرداري جو خاتمو ڪري، شڪار تي پابندي مڙهي وڃي.

10.رهائشي اسيڪمن، ترقياتي منصوبن جي آڙ ۾ پورهيتن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ کين دربدر ڪرڻ جي ڪوششن کي في الفور بند ڪيو وڃي.

11.نجي وياج خورن خلاف قانون سازي ڪري غريب پورهيتن کي تحفظ ڏنو وڃي، سندن هنري سکيا سان گڏ کين بنا وياج قرض ڏيڻ کي يقيني بڻايو  وڃي.

12.گهريلو پورهيي کي سماجي ۽ رسمي  بڻائيندي عورت پورهيتن جي اُجرتن کي مردن برابر ڪيو وڃي.

13.تعليمي ادارن ۾ فين جي واڌ کي بند ڪري هاري مزدور جي ٻار لاءِ پڙهائي آسان ڪئي وڃي.

14.حيدرآباد سميت سمورن شهرن منجهه ۽ پاسي ۾ موجود ڳوٺن کي پڪو ڪري کين بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.