پڊعيدن ۾ صحافي جي گهر تي چڙهائي خلاف مظاهرا

نوشهرو فيروز / ڀرياسٽي ( ڊر + ن ع آ )  ڀرياسٽي پريس ڪلب اڳيان  صحافي  مجيد ڪيريو  راڻا عبدالستار.ساجد علي چنه،  شاهد مير   سهتو، رفيق عمراڻي، غلام رسول چنه ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو پڊعيدن جي صحافي حيدر پلهه جي گهر تي رات جو اٽالن سان چڙهائي ڪري ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد ڪري صحافي کي زبردستي کڻي وڄڻ اهيو ڪٿان جوانصاف آهي هنن چيو ته سنڌ عوامي سٿ ضلعي نوشهروفيرز جي اڳواڻ حيدر پلهه جي گهر تي به چڙهائي ڪري ٻارڙن عورتن تي تشدد ڪيو ويو آهي هنن چيو ته صحافي توڙي سياسي اڳواڻ ڪي ڪرمنل ڏوهاري ناهن اگر توهان کي جاچ ڪري آهي ته ڪنهن عزتدار شخص کي ڪٿي گهرائي به جاچ ڪري سگهي هنن چيو ته اگر ڪنهن جو ڪو ڏوهه آهي يا ڪنهن غلط عمل ۾ ملوث آهن ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۔هي ڪٿان جوانصاف آهي جوبنا جواز کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي، هنن چيو ته حيدر بخش پلهه هڪ بيباڪ سچو صحافي آهي هن قلم زريعي مظلومن جو آواز اٿاريو آهي ۔هنن چيو ته صحافي کي آزاد ڪري صحافين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي پاسي نوشهري ۾ ساهتي جرنلسٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن ۽ نيشنل پريس ڪلب نوشهرو فيروز پاران صحافي حيدر پلهه ۽ سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ  محمد يونس راڄپر، ايم ظفر تڳرصدر نيشنل پريس ڪلب، ساگر يوسف منگي، خادم حسين مري، امجد ميمڻ، خادم سيال، نور نبي راڄپر، مشتاق مري، ضمير لنڊ، افضل منگي۔ عبدالله تڳر، مير اعجاز تڳرشير علي مشور عتيق احمد وسطڙو ، عادل عباسي ۾ احتجاج ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.