سنڌ گورنمينٽ چلڊرين اسپتال جو مستقبل خطري ۾، ٻارڙن جون حياتيون داءَ تي لڳي ويون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ گورنمينٽ چلڊرين اسپتال بند ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو، جنهن سبب مريض ٻارن جو حياتيون داءَ تي لڳي ويون، جڏهن ته اسپتال عملو به سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهي.

سنڌ گورنمينٽ چلڊرين اسپتال جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو، اين جي او پاورٽي ايريڊيڪيشن انيشيٽو بي وس ٿي وئي.

اسپتال جي ايمرجنسي سبب ڪيترائي شعبا بند ٿي ويا آهن ۽ روز ايندڙ هزارين ٻار علاج جي سهولتن کان محروم آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي صحت واري وزير عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ بند اسپتال بند بند ڪرائڻ چاهي ٿي.

اهڙي صورتحال ۾ غريب عوام جي معصوم ٻارن جون حياتيون داءَ تي لڳي ويون آهن، جڏهن ته ملازمن جو مستقبل به خطري ۾ پئجي ويو آهي.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اسپتال جي ملازمن کي 8 مهينن کان پگهارون ناهن ٿيون، جنهن سبب اهي سخت پريشان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.