بجيٽ جون جي پهرين هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس جو شيڊول طئي ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جون جي پهرين هفتي ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ بجيٽ سيشن پهرين جون کان شروع ٿي سمورو مهينو جاري رهندو، ذريعن موجب بجيٽ کان اڳ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي جنهن ۾ پارلياماني ڏينهن پورا ڪيا وڃن. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو ايندڙ اجلاس عيد کان پوءِ 9 مئي تي گهرايو ويندو، هلندڙ پارلياماني سال جو اٺون سيشن 8 ڏينهن هلائڻ کان پوءِ 18 مئي تي ملتوي ڪيو ويندو. جڏهن ته هلندڙ پارلياماني سال جو آخري سيشن 25 جولاءِ کان 5 آگسٽ تائين هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.