ٺري جي شاخن ۾ پاڻي کوٽ، قومي شاهراهه تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا ڀرسان علي بحر واه , ڪوٻري شاخ, سدارنگ واه سميت ٻين شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ برقرار , علائقي اندر ووئڻن جو فصل پوکائي ۾ سخت مشڪلاتون درپيش اچڻ لڳيون آبادگارن پاران ڪنب نوابشاه روڊ مهراڻ هاء وي سئي گئس چوڪ تي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي سول سوسائيٽي ۽ آبادگار اڳواڻن ايڊوڪيٽ مھتاب احمد شر, عظيم شر, حسين بخش ڪٻر, مزمل جٽ, ممتاز حسين سهتو, منظورحسين ڪٻر, فداحسين شر,علي مردان شر, اعجاز احمد سهتو, مسرور احمد سولنگي, منصور  ٿيٻو, غلام مرتضا منگي ۽ ٻين چيو ته  ايريگيشن عملدارن  ايريگيشن جي ايسٽ ڊويزن خيرپور محمد يونس ڊومڪي ۽  ايس ڊي او ٺري ميرواه سياسي پنڊتن کي راضي ڪري من پسند واه هلائي رهيا آهن انهن واهن مان نڪرندڙ شاخون ۽ ٻيا واه مسلسل بند ڪيا ويا آهن پاڻي جي کوٽ صرف غريب آبادگارن لاء آهي باقي سياسي , بااثر ماڻهن کي پاڻي پهچايو ٿو وڃي هنن چيو ته علي بحر واه , سدارنگ شاخ, ڪوٻري شاخ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي انهي نهري پاڻي تي علائقي جي ماڻهن جو گذر سفر آهي هنن وڌيڪ چيو ته هتان جا چونڊيل نمائنده آخر پاڻي جي مسئلي تي ڇو خاموش آهن  پاڻي جي کوٽ سبب اسين ووئڻن جي پوکائي ناھيون ڪري سگھيا  زمينون بنجر بڻجي ويون آھن جڏھن ته پاڻي جي کوٽ سبب اسان جو چوپايو مال اڃ وگھي مري رھيو آھي  5 ڪلاڪ ڌرڻي سبب روڊ تي سوين گاڏيون بيهجي ويون ان موقعي تي ھنن آبپاشي کاتي جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته جلد پاڻي جي کوٽ ختم ڪري ڄاڻايل واھن ۾ پاڻي ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.