خيرپور ( س ر ) گذريل ڏينهن خيرپور ۾ طوفاني برسات سبب چانڊيا موڙ ڀرسان گهر جي ڀت ڪرڻ سبب گهرڌڻي قرالدين منگي دٻجي سخت زخمي ٿي پيو ، جنهن وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال علاج لاء داخل ڪرايو ، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ، فوتي جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ فيض محمد منگي لڳ ڳڙھي ياسين ۾ ادا ڪئي وئي ، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي ۽ واپاري اڳواڻن سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، جنهن بعد فوتي کي اباڻي قبرستان ۾ مٺيء ماء حوالي ڪيو ويو ، فوتي جي وارثن سان چانڊيه موڙ خيرپور ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آھي.