رات جو دير سان کاڌي کائڻ جا صحت لاءِ خطرناڪ اثر

اهڙيون شاهديون لاڳيتو سامهون اچي رهيون آهن ته کائڻ جا وقت دل ۽ ميٽابولڪ صحت تي اثر وجهندا آهن.

بلڊ شگر گھڻي وڌڻ سان شگر جو خطرو وڌي ويندو آهي ۽ ائين مختلف سببن جي ڪري ٿيندو آهي جيئن کائڻ جا وقت.

هاڻ ماهرن دريافت ڪيو آهي ته رات جي کاڌي جي وقت ۽ بلڊ پريشر جي سطح وچ ۾ واسطو آهي.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.

ميسا چوسٽنس جنرل اسپتال، ڀرگهم اينڊ وومينز هاسپٽل ۽ اسپين جي مورسيا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته کائڻ جا وقت ننڊ ۽ ميلاٽونين جي سطح سان سلهاڙيل آهن.

ميلاٽونين هڪ اهڙو هارمون آهي جيڪو رات جي وقت جسم مان خارج ٿيندو آهي جنهن سان ننڊ ۽ بيداري جي عمل ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي آحي.

اهو ڄاڻڻ لاءِ تحقيق ۾ هڪ ڪلينيڪل ٽرائل تي ڪم ڪيو ويو ۽ 845 بالغ ماڻهن کي ان جو حصو بڻايو ويو.

محققن ٻڌايو ته اسان دريافت ڪيو ته دير سان رات جي غذا جي استعمال سڄي گروپ جي بلڊ شگر ڪنٽرول کي متاثر ڪيو.

تجربن مان انڪشاف ٿيو ته ميلاٽونين جي وڌيڪ سطح ۽ رات جو دير سان کائڻ دوران ڪاربوهائڊريٽ جو استعمال بلڊ شگر جي ڪنٽرول کي متاثر ڪري ٿو ڇو جو انسولين بڻجڻ جي فعلن تي ناڪاري اثر پون ٿا.

محققن موجب اسان جي تحقيق جا نتيجا شگر ٽائيپ ٽو جي روڪٿام جي ڪوششن لاءِ اهم ٿي سگھن ٿا.

ان تحقيق جا نتيجا ڊائيبيٽس ڪيئر رسالي ۾ ڇپيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.