سياري ۾ پستا کائڻ جا بهترين طبي فائدا

سياري جي موسم ۾ جتي ڪيترائي ميووا دستياب هوندا آهن اتي مزيدار پستا هر هڪ کي سڀ کان وڌيڪ پسند هوندا آهن.

سياري جي موسم ۾ لوڻ لڳل پستا کائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي ۽ اهي پستا نه رڳو جسماني قوت کي وڌائين ٿا پر رت کي به صاف ڪن ٿا، کنگهه ۾ فائديمند آهن، بلغم کي صاف ڪن ٿا، هڪ مٺ پستا روز کائڻ سان دل جي مرضن جا خطرا به ڪافي حد تائين پري رهن ٿا.

پستن جا حيران ڪندڙ طبي فائدا

جديد طبي رسالي موجب ڏينهن ۾ معمولي مقدار ۾ پستا کائڻ جي عادت انسان کي دل جي بيماري کان پري رکي سگھي ٿي، پستا رت ۾ شامل ٿي رت جي اندر ڪولسٽرول جي سطح کي گھٽ ڪري ڇڏين ٿا، گڏ ئي اهي رت کي هاڃيڪار جُزن ۽ مادن کان به پاڪ ڪن ٿا.

پستن جو استعمال ڪرڻ جا ڪجهه گھريلو طريقا

پستن جو مخصوص مقدار ۾ استعمال معدي جي نظام کي درست ڪري ٿو ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿو جڏهن ته جيري لاءِ به فائديمند آهي.

پستن جي کلن جو سفوف بڻائي روزانو صبح ۽ شام جو 4 ماشا پاڻي سان گڏ استعمال ڪيو وڃي ته معدي، آنڊن، دل، جيري ۽ ڏندن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو.

نزلي، زڪام، مٿي جي سور، چيلهه جي سور ۽ جسماني ڪمزوري جي صورت ۾ پستن کي مکڻ ۾ گڏائي کائڻ سان گھڻو فائدو ٿئي ٿو ۽ سور به ختم ٿي وڃي ٿو.

پستن جو باقاعده استعمال دل جي ڌڙڪي کي بهتر ۽ بلڊ پريشر کي نارمل رکي ٿو.

وبائي مرضن کان بچڻ لاءِ پستي ۽ مصري کي برابر مقدار پيسي کائڻ سان وبائي مرضن کان محفوظ رهڻ ۾ مدد ملي ٿي.

جابلو علائقن ۾ رهندڙ عورتن جا وار گھڻا خوبصورت ڊگھا ۽ گھاٽا هوندا آهن ان جو سبب اهو آهي جو اهي وارن کي وڌائڻ ۽ نرم ڪرڻ لاءِ پستي جو تيل استعمال ڪنديون آهن.

پستو دل ۽ دماغ جي صحت کي وڌائڻ سان گڏوگڏ حافظي ۾ به واڌ ڪري ٿو.

پستو جيڪڏهن کنڊ يا مصري سان گڏ کاڌو وڃي ته جسم مان زهريلن مادن کي ختم ڪري سگھجي ٿو.

يرقان جهڙن موتمار مرصن ۾ به پستن جو استعمال گھڻو فائديمند آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.