سيوهڻ عدالت پاران بدفعلي ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او جا وارنٽ جاري

سيوهڻ(ن ع آ)سيوھڻ ۾ نوجوان سان پوليس عملدار پاران جنسي ڏاڍائي وارو مامرو، ھڪ مھينو اڳ سيوھڻ جي اڳوڻي ايس ايڇ او پير الھ بجايو پاران مبينا طور نوجوان غلام مصطفي بلوچ سان ڪيل ڏاڍائي واري ڪيس جي ٻڌڻي سيوھڻ  جي فرسٽ سول جج جي عدالت ۾  ٿي جتي سيوھڻ پوليس ڪيس جو پڪو چالان پيش  ڪرڻ لاء مھلت گھري ورتي جنهن تي عدالت پوليس کي آئندھ 24 جنوري تائين ڪيس جو پڪو چلان پيش ڪرڻ جي مھلت ڏئي ڇڏي جڏهن ته فرسٽ سول جج سيوھڻ فاروق عباسي جي عدالت ڏاڍائي ڪيس ۾ نامزد جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او پير الھ بچايو جي ضمانت رد ٿيڻ بعد سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايڊيشنل سيشن جج سيوھڻ عدالت ۾ لاڳيتو پيش نه ٿيڻ سبب جوابدار پير الھ بچايو جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي ھئي جنهن بعد ڪيس جي فريادي محمد حنيف بلوچ پاران فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ درخواست ڏني وئي ھئي ته جوابدار بااثر آهي کين ان مان جاني مالي خطرو آهي عدالت فريادي جي اھڙي درخواست تي فرسٽ جوابدار انسپيڪٽر پير الھ بچايو جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 24 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.