ڪڻڪ، يوريا جي کوٽ ۾ سنڌ سرڪار ملوث آهي: ارباب رحيم

مٽياري ( ڊر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ وزيراعظم جي صلاحڪارارباب غلام رحيم چيو آهي ته  شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه امن ڀائيچاري جوپيغام ڏنو آھي ھي سنڌ صوفين جي ڌرتي آھي ھن ڌرتي جي انچ انچ جا اسين وارث آھيون، ڪڻڪ جي کوٽ جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي، يوريا اٽي سميت ھر شي ۾ مافيا ملوث آھي. هن چيو ته عمران خان صاحب کي سنڌ ڪيترا پراجيڪٽ ڏنا آھن جن ۾ ڪجھ ھلن پيا ڪجھ ۾ سنڌ حڪومت رڪاوٽ آھي. هن چيو ته انشاالله اڳيان بہ حڪومت پي ٽي آ جي ھوندي مھانگائي آھي مڃون ٿا پر اھا پوين حڪومتن جو تحفو آھي. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم درگاھ تي چادر چاڙهي دعا گهري ۽ نازڻ سائين ۽ ٻين جي فاتحه ڪئي. ان دوران اي ڊي لاکو، ذوالفقار علي ملاح، حبيب الله انڙھيو، اويس گل ميمڻ، سيد دلشير شاھ ساجد راجپوت ۽ ٻيا گڏ ھئا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.