مري سانحي جي ذميوار اين ڊي ايم اي قرار، وزيراعظم کي ڪارروائي جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين ڊي ايم اي کي مري سانحي جو ذميوار قرار ڏيندي وزير اعظم کي اجلاس گهرائي ذميوارن کي وائکو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

مري سانحي جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي ڪئي.

شهري پاران درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 7 جنوري تي مري ويس، جڏهن ٽول پلازا تان سياح مري وڃي رهيا هئا ته ڪنهن به کين نه روڪيو ۽ نه ئي وري خدشي کان آگاهه ڪيو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا سياح ته هر سال ان ريت مري ويندا آهن.

عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل سيد طيب شاهه کي روسٽرم تي گهرايو ۽ کيس اين ڊي ايم اي بابت قانون پڙهڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت چيو ته جيڪڏهن ضلعي جي لاءِ انتظاميا جو پلان نه هو ته ڇو نه هو؟ هيتري وڏي باڊي ۾ سمورا لاڳاپيل ماڻهو موجود آهن، اپوزيشن به آهي، ڇا ايتري وڏي باڊي ڪڏهن ڪا ميٽنگ ڪئي آهي؟

چيف جسٽس چيو ته 22 ماڻهن جي مرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ قانون ۾ اين ڊي ايم اي ڪنهن سانحي کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ رسپانس جي ذميوار آهي.

چيف جسٽس چيو ته سڀاڻي الله نه ڪري ڪو زلزلو اچي ته اوهان چوندا ته اسان جي ذميواري ناهي، پارليامينٽ 2010 ۾ هڪ قانون ٺاهيو، جنهن تي عمل ٿيڻو هو.

عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل جي وڌيڪ وقت ڏيڻ واري اپيل رد ڪندي چيو ته هي انتهائي ۽ فوري نوعيت جو معاملو آهي، ذميوارن کي وائکو ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.