سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 800 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 39 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 686 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 5 هزار 75 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 5 ڊالر گهٽجڻ سان 2 هزار 292 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.