هيڪ ۽ پيغام پاڪستان جي سهڪار سان ڪيريئر ڪنيڪٽ تقريب سڀاڻي ٿيندي

ڪراچي (پ ر) سنڌ ايڇ اي سي پيغام پاڪستان جي سهڪار سان ڪيريئر ڪنيڪٽ 2024 جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڪيريئر ڪنيڪٽ جو مقصد يونيورسٽي گريجوئيٽس ۽ ادارن ۾ ويڇا ختم ڪرڻ آهي.

تقريب سڀاڻي صبح نائين وڳي ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ٿيندي.

ڪيريئر ڪنيڪٽ جي تقريب ۾ 109 کان وڌيڪ مختلف ڪمپنيون شريڪ ٿي رهيون آهن جنهن سان گريجوئيٽس کي مختلف موقعا ملندا.

هي ڪمپنيون مجموعي طور تي 156 کان وڌيڪ جاين جي آڇ ڪري رهيون آهن ۾ انٽري ليول کان انتظامي ليول تائين جا موقعا شامل آهن ۽ اهڙي ريت ڪيريئر جي ڳولا ڪندڙن کي وڏو پليٽ فارم ملي رهيو آهي.

هن پليٽ فارم ذريعي هو ڀرتي ڪندڙ مئنيجرز سان سڌي ريت ڳالهائي سگهن ٿا، ان موقعي تي سندن انٽرويوز ورتا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.