آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آئرش اسڪواڊ جو اعلان، پال اسٽرلنگ ڪپتان

ڊبلن ( ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آئرلينڊ جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پندرنهن رُڪني آئرش ٽيم جي قيادت پال اسٽرلنگ ڪندو.
آئرلينڊ جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ تجربيڪار بيٽر ڊاڪ ريل ۽ بلبائرن کي به شامل ڪيو ويو آهي.
مارڪ ايڊائر، روس ايڊائر، ڪرٽس ڪيمپهر ۽ گيراٿ ڊيلني کي به اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.
ان کانسواءِ گراهم هوم، جوش لِٽل، بيري مڪ ڪارٿي، نيل روڪ، هيري ٽيڪٽر، لورڪان ٽڪر، بين وائيٽ ۽ ڪريگ ٽڪر به ورلڊ ڪپ لاءِ آئرلينڊ جي ٽيم ۾ سليڪٽ ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آئرلينڊ، پاڪستان، ڀارت، آمريڪا ۽ ڪئناڊا هڪ ئي گروپ ۾ شامل آهن، ميگا ايونٽ جا مقابلا ايندڙ مهيني آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.