9 مئي واقعن سان ملڪ دشمنن جا مفاد پورا ٿيا،ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي: صدر زرداري

اسلام آباد(بيورو)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن سان ملڪ جو تاثر سخت متاثر ٿيو،تشدد وارن واقعن سان رڳو پاڪستان جي دشمنن جي مفاد پورا ٿيا،پرامن مظاهرا ۽ تعميري تنقيد جمهوريت جو  روح آهن،هڪ بيان ۾ هن چيو ته آئين ۾ ميڙاڪن ۽ اظهار راءِ جا بنيادي حق ڏنا ويا آهن،بنيادي حقن کي آئين ۽ قانون مطابق انتهائي ذميواري سان استعمال ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته 9 مئي جي تشدد جي ذميوارن کي قانون مطابق جوابده قرار ڏيڻ گهرجي،9 مئي کي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، هن چيو ته سموريون سياسي جماعتون رواداري،جمهوري قدرن جي هٿي لاءِ ڪم ڪن،سموريون پارٽيون ڳالهين ۽ قوم جي درست رخ ۾ رهنمائي لاءِ ڪم ڪن،صدر رياستي ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي بدنيتي تي ٻڌل مهم تي افسوس ۽ مذمت ڪندي چيو ته ڪوڙ تي ٻڌل مهم جي سدباب ۽ حوصله شڪني لاءِ طريقيڪار بڻائڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.