پشاور/ ڪوهاٽ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪوهاٽ ۾ پوليس لائنز ويجهو جمعي نماز دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن ۽ عام شهرين سميت 21 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 103 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته ڌماڪو جمعي نماز دوران ٿيو، جنهن سبب مسجد جي ٻاهرين حصي کي سخت نقصان پهتو ۽ ڀت پڻ ڪري پئي، جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌ مسجد جي ٻاهران وڏو کڏو پڻ پئجي ويو، ڪوهاٽ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر طاهر موجب شهيدن ۾ 15 پوليس اهلڪار ۽ 6 عام شهري شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 73 پوليس اهلڪار ۽ 30 شهري شامل آهن، شهيدن ۾ لياقت ميموريل اسپتال جو چيف ڊسٽرڪٽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر اسرائيل خان اورڪزئي پڻ شامل آهي، اسپتال انتظاميا موجب 103 زخمين مان 90 ڄڻن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۽ 13 ڄڻن کي لياقت ميموريل اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 4 زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ پشاور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال اختيارين موجب 34 زخمي هن وقت تائين اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، آءِ جي خيبرپختونخوا ذوالفقار حميد موجب بارود سان ڀريل گاڏي پراڻي پوليس لائنز جي گيٽ سان ٽڪرائي، جنهن کان پوءِ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ فائرنگ پڻ ڪئي وئي، هن جو چوڻ هو ته فائرنگ دوران اسپيشل برانچ جي عمارت تي هڪ ٻيو آپگهاتي پڻ ڪيو ويو، سينٽرل پوليس آفيس پشاور موجب 7 هٿياربند دهشت گرد پوليس لائنز ۾ داخل ٿيا، جن سان پوليس ۽ سي ٽي ڊي اهلڪارن ڀرپور مقابلو ڪيو، پوليس موجب ڪارروائي دوران هينئر تائين 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جن ۾ آپگهاتي بمبار ۽ اسنائپر پڻ شامل آهن، سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌ ۽ ڀرپاسي ۾ امدادي ڪارروايون جاري رکيون ويون، پوليس موجب زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. پوليس ڪوهاٽ هانگو روڊ کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو ۽ پوليس لائنز ويجهو وڌيڪ نفري پڻ پهچائي وئي، ريسڪيو اختيارين موجب ڌماڪي سبب ڀرپاسي جي عمارتن کي پڻ نقصان پهتو آهي، وڏي وزير خيبرپختونخوا سهيل آفريدي ڪوهاٽ ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، سهيل آفريدي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته سمورن پاسن جو جائزو وٺي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته دهشت گردي جي بزدلاڻين ڪاررواين سان قوم جا حوصلا پست نٿا ڪري سگهجن. وڏي وزير شهيد پوليس اهلڪارن ۽ شهرين جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام پاڪستان لاءِ 80 هزار کان وڌيڪ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن تي وڙهي رهيا آهن، سهيل آفريدي وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام جي قربانين جي قدر ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته صوبي جي عوام خلاف چيل هر لفظ سندن زخم تازا ڪري ٿو، هن پنجاب جي وڏي وزير جي ان بيان تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته باقي ٽن صوبن مان خطرو آهي. سهيل آفريدي چيو ته پاڪستان سڀني جو ملڪ آهي ۽ ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته ڪوهاٽ جي پراڻي پوليس لائنز ويجهو ڌماڪي جي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، يوسف رضا گيلاني، اختيار ولي خان، فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين پاران مذمت ڪئي وئي، صدر آصف علي زرداري ڪوهاٽ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي سهڪار سان سرگرم دهشت گردن ۽ انهن جي نيٽ ورڪ جو مڪمل خاتمو قومي سلامتي لاءِ ضروري آهي، صدر جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي دهشت گردي خلاف ڪارروائين جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم شهباز شريف پڻ ڪوهاٽ ڌماڪي جي مذمت ڪندي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب شهباز شريف زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل اختيارين کان ڌماڪي جي نوعيت ۽ سببن بابت رپورٽ پڻ طلب ڪئي، وزيراعظم امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به ڪوهاٽ جي پراڻي پوليس لائنز ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪندي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ حملي جي مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته ايم ايس ڪوهاٽ اسپتال ڊاڪٽر طاهر شاهه موجب شهيدن ۾ 15 پوليس اهلڪار ۽ 6 عام شهري شامل آهن، جڏهن ته لياقت ميموريل اسپتال جو چيف ڊسٽرڪٽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر اسرائيل خان اورڪزئي پڻ شهيدن ۾ شامل آهي، ايم ايس موجب زخمين ۾ 73 پوليس اهلڪار ۽ 30 شهري شامل آهن، 103 زخمين مان 90 ڄڻن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۽ 13 ڄڻن کي لياقت ميموريل اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 4 زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ پشاور جي اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو ويو، ايم ايس ڪوهاٽ اسپتال موجب 34 زخمي هن وقت تائين مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، ٻئي پاسي ڪوهاٽ ڌماڪي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اختيار ولي خان وڏي وزير خيبرپختونخوا سهيل آفريدي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪارن ۽ شهرين سميت وڏي انگ ۾ جاني نقصان ٿيو آهي، هن صوبائي حڪومت تي تنقيد ڪندي الزام لڳايو ته وڏي وزير کي ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ کان ئي فرصت ناهي ۽ صوبي ۾ تعليم ۽ صحت جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي، اختيار ولي خان دعويٰ ڪئي ته وڏي وزير کي 16 ڏينهن کان صوبي ۾ موجود ناهي ڏٺو ويو ۽ چيو ته سهيل آفريدي کي استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ٿي رهيا آهن، جڏهن ته يونيورسٽين جا وائس چانسلر به دانهون ڪري رهيا آهن، اختيار ولي خان وڌيڪ الزام لڳايو ته صوبي ۾ هن وقت دهشتگردي ۽ اسمگلرن جو راڄ آهي ۽ انتظامي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻيل آهي، اختيار ولي خان چيو ته جيڪڏهن وڏو وزير پاڻ چوي ته گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي ته هو صوبي کي سنڀالڻ لاءِ تيار آهي، عوام ترقي ۽ خوشحالي چاهي ٿو، جڏهن ته صوبي جي پوليس جو مورال بلند ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، حڪومتي نمائندا شهيدن جي جنازن ۾ شرڪت نٿا ڪن.