علي نواز ٻٽ سان پنهنجي ڊگھي ۽ گهري تعلق بابت جڏھن مان سوچيان ٿو ته ان وقت مونکي ڪشميري رهنما شيخ عبدالله جي گهر واري ياد ٿي اچي. شيخ عبدالله هڪ پڪو حب وطن ۽ سچو انقلابي ۽ جواهرلال نهرو جو دوست هو. هن به نھرو وانگر پنھنجي سڄي گهر کي سياسي تعليم گاھ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هئو. شيخ صاحب جي وفات کان پوءِ سندس سياست ۽ سندس پارٽي ’نيشنل ڪانفرنس‘ جي واڳ سندس فرزند فاروق عبدالله سنڀالي – ٻئي طرف سندس ڌيءَ جي شادي ڪشمير جي ھڪ ٻئي سياستدان بخشي غلام محمد سان ٿيل هئي جيڪو ڪانگريس پارٽي جو ساٿاري هئو. جڏھن اليڪشن آئي ته مسز عبدالله نيشنل ڪانفرنس جي ورڪ ڪرڻ لڳي۔ ان وقت هڪ صحافي کانئس پڇيو ته اليڪشن ۾ ھڪ پاسي تنھنجو پٽ آھي ته ٻئي طرف ڌيءَ، ان صورتحال ۾ تون ڪيئن ٿي محسوس ڪرين؟ محترمه وراڻيو ته "سياست مان نيشنل ڪانفرنس جي درست ٿي سمجھان تنهن ڪري پٽ جي پاسي بيٺي آھيان، باقي ڌيءَ سان منھنجو ڳانڍاپو پاڻيءَ وانگر آھي جنھن کي توھان ڪيتريون به لٺيون يا ڪھاڙيون ھڻو ڌار ڪري نه ٿا سگھو“.
علي نواز ۽ منھنجا ڳوٺ هڪ پاسي ئي ھئا، ٻئي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميھڙ ۾ به پڙھيا سين پر هڪ ٻئي سان واقفيت ڪانه هئي – پڙهائي کان پوءِ مون ڪي.ڊي.اي ۾ نوڪري ڪئي ۽ علي نواز ڪي.اي.ايس.سي ۾. ڪراچي ۾ ھئڻ باوجود اسان جي ڪا ويجھڙائي ڪانه ٿي – ڊسمبر 1977 ۾ جيئي سنڌ محاذ کي نئين سر متحرڪ ڪيو ويو ته ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ به اسان چرپر وڌائي ته ان دوران ساڻس ملاقاتون ٿيڻ لڳيون، ڪڏهن ڪنھن پروگرام ۾ ته ڪڏهن رستي ويندي – علي نواز جي ڪاليج جي ويجھن دوستن جي اڪثريت پيپلز پارٽي سان لاڳاپجي ويئي پر گھاٽي دوستي جاري رهڻ جي باوجود ھي ان رستي کان پري رهيو – شايد اهو هن جي اندر جو قومي جذبو هئو۔
جيئي سنڌ محاذ جي تنظيم ڪاري ۾ ڪراچي جو پھريون ڊويزنل آرگنائيزر عطاالله انڙ مقرر ٿيو۔ ڪجهه عرصي کان پوءِ ان کي سکر ڊويزن (جنهن کي بعد ۾ اروڙ جو نالو ڏنو ويو) تي مقرر ڪيو ويو ته پارٽيءَ ڪراچي ڊويزن تي مونکي مقرر ڪيو. علي نواز جي صلاحيتن کي ڏسندي مون فوري طور کيس ميمبر ڪيو- جلد ئي دوستن جي صلاح سان ڪراچي جي ضلعي تنظيم کي هڪ جي جاءِ تي ٽن ضلعن اوڀر، اولهھ ۽ ڏکڻ ۾ ورھايو ويو ۽ علي نواز ڪراچي اوڀر جو سڪريٽري ٿيو (تنظيمي لحاظ کان سيڪريٽري ئي سڀ کان وڏو عھدو هوندو هئو). ٿوري وقت کان پوءِ پارٽي چونڊن ۾ مان مرڪز تي ويس ته علي نواز ڪراچي جو ڊويزنل ڪو آرڊينيٽر ٿيو- ڪراچي ۾ اسان گڏجي جيڪو سياسي سجاڳي ۽ قومي تحريڪ جو ڪم ڪيو اھو قومي ھلچل ۽ تنظيمِي مضبوطيءَ لاءِ بنياد فراهم ڪرڻ سان گڏ خود اسان جي لاءِ ذاتي طور به فخر جو باعث ھئو. ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته ڪراچيءَ جي قديم آبادين خاص ڪري ٻھراڙيءَ جي ڳوٺن کي سنڌ جي جديد قومي تحريڪ سان ڳنڍڻ جو ابتدائي ڪم جيئي سنڌ محاذ ڪيو. سياسي اصطلاح ۾ چئجي ته اسان ’زميني سطح‘ (Grass Roots) تي ڪم ڪيو. مائوزي تنگ ۽ ٻين انقلابين جي علم ۽ عمل مان رھنمائي وٺندي اسان اڳتي وڌندا ھئاسين. ڪتابن مان حاصل ڪيل نقطا کڻي فيلڊ ۾ ويندا ھئاسين، وري فيلڊ ورڪ مان اٿندڙ سوال ۽ آڏو ايندڙ مسئلا کڻي ڪتاب اچي کوليندا ھئاسين.
پھرين ھڪڙي موٽرسائيڪل علي نواز جي ھوندي ھئي جنھن تي ٻئي ڄڻا گھمندا ھئاسين، پوءِ مون به موٽرسائيڪل ورتي ته پوءِ ڪڏھن ٻئي ڄڻا گڏجي ھڪ طرف ته ڪڏھن الڳ الڳ رستن تي ويندا ھئاسين. ھر صلاح مشوري ۾ گڏ ھوندا ھئاسين البته فيلڊ ورڪ ھو وڌيڪ ڪندو ھئو. جيئن ته اسان سنڌ جي ٻين علائقن کان آيل ھئاسين تنھنڪري ڪراچيءَ ۾، خاص ڪري ڳوٺن ۾ ڄاڻ سڃاڻ نه ھئڻ برابر ھئي. پر علي نواز کي ڄاڻ سڃاڻ پيدا ڪرڻ جو سٺو ڏانءُ ھئو. ڪنھن بلڪل نئين ڳوٺ ۾ ويندو ته رستي ويندي ماڻھوءَ کان اسڪول جو ڏس پڇندو، پوءِ سڌو وڃي استاد سان ’سلاما ليڪم‘ ڪندو. واقفيت ڪرڻ کان پوءِ کانئس ڳوٺ بابت ۽ اتي جي ماڻھن بابت معلومات وٺندو. بس پوءِ ان ڳوٺ ۾ علي نواز جي، ۽ ان جي ذريعي منھنجي ۽ پارٽيءَ جي ٻين دوستن جي ڄاڻ سڃاڻ شروع، جيڪا اڳتي ھلي دوستي ۽ تنظيم ڪاري ۾ به تبديل ٿيندي ھئي.
تنظيمي طور ٺٽو ضلعو ڪراچي ڊويزن ۾ شامل ھئو، سو اتي به اسان گڏجي ڪم ڪيو. پھرين ھڪ موٽرسائيڪل تي گھمندا ھئاسين، پوءِ جڏھن ٻہ ٿيون ته ٺٽي تائين گڏ ويندا ھئاسين، اتان پوءِ جدا جدا رستن تي ويندا ھئاسين. ڪڏھن ڏينھڪ ته ڪڏھن رات گذارڻ کان پوءِ واپس ٺٽي شھر ۾ اچي ملندا ھئاسين. گھڻو ڪري ھڪ نه ٻئي ڇنڇر تي ٺٽي ويندا ھئاسين.علي نواز ۽ منھنجي گڏيل ڪم جا احوال لکجن ته مضمون نه پر ڪتاب ٿي ويندو، ان ڪري ڪم جي طريقه ڪار جي جھلڪ ڏيڻ خاطر چند مثال پيش ڪجن ٿا. ٺٽي ۾ تنظيمي ساٿي ھوندو ھئو مراد علي شاھ. سندس گھر شھر جي ٻاھران ھئو جيڪو ھاڻي وچ شھر ۾ اچي ويو آھي. ٽيليفون ته ھئي ڪانه، سو بغير ڄاڻ ۽ اطلاع جي ڪچڙي منجھند ڌاري اتي پھتاسين ته معلوم ٿيو ته شاھ صاحب حيدرآباد ويل آھي. اوطاق وغيرہ ڪانه ھئي، ننڍڙي مسجد ھئي ان جي آڳر تي ڪنڊيءَ جو وڻ ھئو ان ھيٺان ٻئي ڄڻا پھرين ويھي پوءِ سمھي رھياسين. ٽپھري ڌاري مراد شاھ واپس آيو ته ان سان ڪچھري ڪري ڪراچيءَ موٽياسين.
ٻئي دفعي ٺٽي کان مان بٺوري ۽ دڙي طرف ويس جڏھن ته علي نواز جھمپير وارو پاسو ورتو. واپسيءَ ۾ ٺـٽي پھچندي رات جا ٻارنھن ٿي ويا. رات ترسڻ لاءِ پبلڪ ھيلٿ کاتي ۾ انجنيئر منھنجي دوست رياض جوڻيجي جي گھر پھتاسين ته خبر پئي ته ھو ڪنھن ايمرجنسي ۾ ڳوٺ ھليو ويو. اڌ رات جو اوچتو ڪنھن دوست جو در کڙڪائڻ جي بجاءِ جنوري جي رات ۾ اٽڪل ھڪ وڳي موٽر سائيڪل تي ڪراچي واپس ٿياسين. ٻي وڳي ڌاري علي نواز ملير ۾ پنھنجي گھر ويو جڏھن ته مونکي عزيزآباد پھچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ ٻيو به لڳو.
ساڳي طرح ڪراچيءَ ۾ آچر ڏينھن نيرن ڪري گھران نڪتاسين. سڄو ڏينھن مختلف علائقن ۾ ’رلندي‘ سانجھي ڌاري جيئي سنڌ محاذ ڪراچي اولھ جي اڳواڻ منير ڀُٽي جي گھر پھتاسين ته خبر پئي ته ڪنھن ڪم سانگي ڪاڏي نڪري ويو آھي ۽ واپسيءَ جي ڪا خبر ناھي. موٽر سائيڪلن کي قلف لڳائي پاڙي جي مسجد جي آڳر تي پيل تونري تي ويھي رھياسين. سڄي ڏينھن جا ٿڪل آھلياسين ته ننڊ اچي ويئي، تان ته اٽڪل ساڍي نائين وڳي منير اچي جاڳايو. تنظيمي ڪم ڪار بابت ساڻس ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ گھر موٽياسين. اھڙين حالتن ۾ اڪثر ائين ٿيندو ھئو ته گھر ڀاتي اسان جي حصي جو کاڌو رکي سمھي پوندا ھئا جيڪو اسان واپسيءَ تي ڪڏھن گرم ڪري ته ڪڏھن ٿڌو ئي کائيندا ھئاسين.
علي نواز ۾ ھڪ مثالي ڪارڪن واريون خوبيون ۽ صلاحيتون ڀرپور ھيون. ھڪ ڏاھي جو چوڻ آھي ته ”دنيا ۾ سڀ کان گھڻيون ناڪاميون انھن ماڻھن جي ڪري ٿيون آھن جيڪي ’جواز‘ ڏيندا آھن“. سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ به اھڙا جام ماڻھو آھن جيڪي ڪم نه ٿيڻ يا نه ڪرڻ جا جواز ڏيندا يا ٺاھيندا آھن. علي نواز ان بيماريءَ کان آجو ھئو. کيس جيڪو ڪم/ٽاسڪ سونپيو ويندو ھئو اھو ممڪنه حد تائين مڪمل ڪري موٽندو ھئو. رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن يا مونجھارن جو ھڪ ذميوار فرد طور حل ڪڍندو اڳتي وڌندو ھئو. واپس اچي يا ته ڪم مڪمل ڪرڻ جي رپورٽ ڏيندو ھئو يا (ورلي) ڪم نه ٿي سگھڻ جا ٺوس ڪارڻ آڏو رکندو ھئو.
(هلندڙ)