پاڻي جي نگراني جو عالمي ڏينهن: پيئڻ جي پاڻي جو معيار

محمد احسان لغاري

پاڻي جي نگراني جي عالمي ڏينهن (World Water Monitoring Day) جو مقصد پاڻي جي ذريعن جي صفائي ۽ معيار کي جانچڻ ۽ ماڻهن ۾ ان بابت شعور پيدا ڪرڻ آهي. هر سال دنيا هي ڏينهن هڪ سادي پر اهم عمل سان ملهائي ٿي: ويجهو موجود ندي، واهه، تلاءَ يا نلڪي جي پاڻي کي جانچيو ۽ نتيجو رڪارڊ ڪريو. 2003ع ۾ شروع ٿيل هي مهم هاڻي ”ارٿ ايڪو انٽرنيشنل“ جي سهڪار سان هلي رهي آهي ۽ 150 ملڪن جي  18 لکن کان وڌيڪ ماڻهن  سان ڳنڍيل آهي. پاڻي کي پاڻ جانچڻ يقيناً ڪارائتو عمل آهي، پر سنڌ ۾ اهو هڪ بنيادي سوال به اٿاري ٿو: ڇا صاف ( بيماري واري جيوڙن ۽ گندگي کان پاڪ) پيئڻ جو پاڻي واقعي هر شهري جو حق ۽ حڪومت جي لڳاتار پوري ٿيندڙ ذميواري آهي، يا اڃا تائين اهو رڳو منصوبن، افتتاحن ۽ اعلانن تائين محدود آهي؟

پاڻي بابت عالمي ڏينهن ۽ پاڻي جي نگراني جو ڏينهن هڪ ئي مسئلي جا ٻه پاسا آهن. گڏيل قومن پاران 22 مارچ تي ملهايو ويندڙ ”پاڻي جو عالمي ڏينهن“ پائيدار ترقي جي مقصد 6 (SDG 6) تحت سڀني ماڻهن لاءِ صاف پاڻي ۽ صفائي جون سهولتون يقيني بڻائڻ تي زور ڏئي ٿو. 2026ع جو موضوع ”پاڻي ۽ صنف“ هو، جنهن پاڻي جي رسائي ۽ سماجي برابري جي وچ ۾ لاڳاپي کي اجاگر ڪيو. جڏهن ته پاڻي جي نگراني جو عالمي ڏينهن اسان کان پڇي ٿو: جيڪو پاڻي اسان جي گلاس ۾ اچي ٿو، ان ۾ آخر ڇا آهي؟

هي سوال سنڌ لاءِ تمام اهم آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتون ۽ نياڻيون پاڻي آڻڻ لاءِ پنڌ ڪن ٿيون، نلڪن يا کوهن تي انتظار ڪن ٿيون، آندل پاڻي کي اٻاري محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ۽ ساڳئي وقت پاڻيءَ سان لاڳاپيل بيمارين ۾ مبتلا ٻارن جي سارسنڀال به ڪن ٿيون. يعني پاڻي جي کوٽ ۽ غير محفوظ پاڻي جو بار رڳو صحت تي نٿو پوي؛ اهو عورتن جي وقت، ٻارن جي تعليم ۽ خاندان جي آمدنيءَ تي به پوي ٿو.

پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز (PCRWR) جي قومي پاڻي جي معيار جي نگراني واري پروگرام 2025–26ع تحت 70 شهرن ۾ 2,205 پاڻي جي ذريعن جو جائزو ورتو ويو. صرف 32 سيڪڙو ذريعا محفوظ ۽ 68 سيڪڙو غير محفوظ نڪتا. سنڌ جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي هئي، جتي 89 سيڪڙو نمونا حياتياتي يا مائڪروبايولوجيڪل معيار تي ناڪام ٿيا. سانگهڙ، دادو ۽ مٺي ۾ ورتل هر نمونو غير محفوظ نڪتو، جڏهن ته ڪراچي ۾ 91 سيڪڙو، ميرپورخاص ۾ 95 سيڪڙو ۽ لاڙڪاڻي ۾ 82 سيڪڙو نمونا غير محفوظ قرار ڏنا ويا.

ڳوٺاڻي سنڌ ۾ صورتحال اڃا وڌيڪ پيچيده آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻا خاندان ڪنهن منظم پاڻي مھيا ڪندڙ سرشتي  جي بدران پنهنجي مدد پاڻ واري عمل سان پاڻي حاصل ڪن ٿا. آڪٽوبر 2025ع ۾ عالمي بئنڪ جي هڪ مشن کي ڏنل ڄاڻ موجب، ڳوٺاڻن علائقن ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ گهر پنهنجي پيئڻ جو پاڻي پاڻ حاصل ڪن ٿا. لاڳاپيل منصوبي جي دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڏهن مان لڳ ڀڳ نون گهرن جي پاڻي ۾ اي ڪولي (E. coli) جي گداڻ موجود آهي. اي ڪولي هڪ اهڙو نظر نہ ايندڙ جيوڙو آهي، جيڪو عام طور انساني يا جانورن جي فضلي ( ڪاڪوس) جا ذرا پاڻي ۾ ھجڻ سبب انسان جي واھپي ۾ اچي ٿو ۽ سنگين بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ان سان گڏ ڪوليفارم اهڙن جراثيمن جو هڪ گروهه آهي، جن جي پاڻي ۾ موجودگي پڻ اھڙي ئي گدلاڻ جو ڏس ڏئي ٿي. 2025–26ع جي مطالعي ڄڻ ڏني ته  دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جر جي پاڻي جي 87 سيڪڙو نمونن ۾ ڪوليفارم ۽ 60 سيڪڙو ۾ اي ڪولي آھن. قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٽيوب ويلن جي پاڻي ۾ فلورائيڊ جي مقدار 7.1 ملي گرام في ليٽر تائين پهتي. فلورائيڊ زيرزمين/جر واري پاڻي ۾ قدرتي طور موجود هڪ ڪيميائي مادو آهي، جيڪو ٿوري مقدار ۾ نقصانڪار نه هوندو، پر گهڻي مقدار ۾ خاص طور ٻارن جي ڏندن ۽ هڏن کي متاثر ڪري سگهي ٿو. ڪجهه نمونا WHO جي تجويز ڪيل 1.5 ملي گرام في ليٽر حد کان گهڻو مٿي هئا.

2026ع ۾ سنڌ جي سرڪاري صحت مرڪزن بابت جائزي ۾ پڻ پيئڻ جي پاڻي جي پنجھتر سيڪڙو  کان وڌيڪ نمونن ۾ ڪوليفارم جيوڙا ھئا. جيڪڏهن هڪ صحت مرڪز پنهنجي مريضن کي صاف سٿرو پاڻي فراهم نٿو ڪري سگهي، ته پوءِ صحت جي تحفظ بابت ان جي ذميواريءَ تي سنجيده سوال اٿن ٿا.

پاڻي جي گدلاڻ جو سڀ کان وڏو خطرو حياتياتي گدلاڻ، آهي، جيڪو دستن، ٽائيفائيڊ ۽ ڪالرا جهڙين بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڊگهي عرصي تائين ڪنو پاڻي ۽ خراب صفائي ٻارن جي آنڊن کي به متاثر ڪري سگهي ٿي. ان حالت کي انوارمينٽل اينٽروپيٿي چيو وڃي ٿو، يعني اهڙو نقصان جيڪو گندي ماحول ۽ گدلي پاڻي سبب آنڊن کي پهچي ۽ جنهن سان جسم خوراڪ مان غذائي جزا صحيح نموني جذب نه ڪري سگهي. اهڙي صورتحال ٻارن جي واڌويجهه تي به اثر وجهي ٿي. اسٽنٽنگ ، يعني عمر جي حساب سان ٻار جو قد گهربل حد کان گهٽ رهجي وڃڻ، ڊگهي عرصي جي غذائي کوٽ ۽ وري وري ٿيندڙ بيمارين سان لاڳاپيل آهي. پاڪستان ۾ اسٽنٽنگ جو مسئلو اڳ ئي انتهائي سنگين آهي ۽ سنڌ ۾ به صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي. تنهنڪري محفوظ پاڻي کي رڳو صحت جو مسئلو سمجهڻ ڪافي ناهي؛ اهو ٻارن جي مستقبل، تعليم ۽ انساني سرمائي جو مسئلو پڻ آهي.

ٻيا خطرا به گهٽ اهم ناهن. ٺٽي، سجاول، بدين، دادو ۽ عمرڪوٽ جي ڪجهه علائقن ۾ لوڻاٺ ۽ بيٺل پاڻي ۽ سم ڪلر سبب زميني پاڻي/جر جو معيار خراب ٿئي ٿو. سنڌوءَ جي ميداني علائقن جي ڪجهه حصن ۾ آرسينڪ / سينکيو پڻ خطرو بڻجي سگهي ٿو. سينکيو هڪ زهريلو قدرتي ڪيميائي مادو آهي، جيڪو ڪجهه علائقن جي جر ۾ موجود آهي ۽ ڊگهي عرصي تائين استعمال سان صحت کي نقصان پهچائي ٿو. پاڪستان ۾ سينکيي جي مقرر حد 50 مائيڪروگرام في ليٽر آهي، جڏهن ته WHO جي هدايت 10 مائيڪروگرام آهي. يعني ڪو پاڻي مقامي قانوني حد اندر هئڻ باوجود عالمي صحت جي معيار مطابق ڊگهي مدي لاءِ محفوظ نه آھي. ٻوڏون صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته مٿاڇري جي گدلاڻ کوهن، نلڪن ۽ ٻين پاڻيءَ جي ذريعن تائين پهچي سگهي ٿي.

غير محفوظ پاڻي غربت سان سلھاڙيل اهڙو ڦيرو آهي، جنھن جي ڪري غريب سڀ کان وڌيڪ ڀوڳين ٿا. جيڪو خاندان بوتل وارو پاڻي يا ٽينڪر خريد ڪري سگهي ٿو، اهو پاڻ کي ڪنهن حد تائين محفوظ ڪري سگهي ٿو؛ پر غريب خاندان غير محفوظ نلڪن، ٽوٽين، کوهه يا مقامي ذريعي تي ڀاڙڻ تي مجبور آهن. پاڻي جي گدلاڻ وسيلي کان گهر تائين پهچڻ دوران به وڌي سگهي ٿي. ڳوٺاڻي سنڌ ۾ عالمي بئنڪ جي اڳوڻن تجربن مان ظاهر ٿيو ته پاڻي واري وسيلي تي بيڪٽيريا جي گدلاڻ  جيڪڏھن 60 سيڪڙو هئي، سا گهر ۾ ذخيرو ڪرڻ وقت تقريباً 75 سيڪڙو ٿي وئي. پاڻي ۽ صنف جو سوال به ڪنهن تجريدي بحث جو نالو ناهي. اهو ٿر، ڪاڇي يا ڪنهن ڏورانهن ڳوٺ جي ان عورت جي روزاني زندگيءَ جو سوال آهي، جنهن کي هڪ ئي ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻو پوي ٿو ته پاڻي آڻي، ان کي اٻاري، گهر جو ڪم ڪري، محنت مذدوري ڪري  يا بيمار ٻار جي پرگھور لهي. پاڻي حاصل ڪرڻ ۽ ان کي محفوظ بڻائڻ ۾ زيان ٿيندڙ وقت اصل ۾ اسڪول، روزگار ۽ معاشي موقعن مان ڪٽيل وقت آهي.

اھڙي  صورتحال ۾ شهرين پاران پاڻي جي جاچ اهم آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي ٻھراڙين لاءِ اجھو شروع ٿيندڙ STAR-WASH جهڙا پروگرام اهم آھن، جن ۾ وڏن ڳوٺن لاءِ پائپ نيٽ ورڪ، ننڍن ڳوٺن لاءِ محفوظ وسيلا، بهتر آپريشن ۽ پاڻي، صفائي ۽ صحت کي گڏيل انداز ۾ ڏسڻ جي گنجائش موجود آهي. پر اصل چئلينج رڳو اڏاوتون  ڪرڻ جو ناهي. پاڻيءَ جي اسڪيم تڏهن ئي ڪامياب آهي، جڏهن ان کي سنڀاليندڙ ۽ ھلائيندڙ موجود هجي، عملي کي باقاعده پگهار ملي، بجلي ۽ سارسنڀال جو بندوبست هجي ۽ پاڻي جي معيار جي مسلسل جاچ ٿيندي رهي. محفوظ پاڻي جو مطلب رڳو محفوظ ذريعو ٺاهڻ ناهي؛ ان جو مطلب هڪ اهڙو نظام ۽ ادارو آهي، جيڪو سالن تائين ڪم ڪندو رهي.

سنڌ لاءِ هاڻي ڪجهه بنيادي قدم اڻٽر آهن: ڪراچي جي پاڻي جي نظام ۾ سڌارا، بوتل واري پاڻي جي معيار جي سخت نگراني، ريورس آسماسس (RO) پلانٽن جو صرف انهن هنڌن تي استعمال جتي کارو پاڻي واقعي آخري عملي آپشن هجي ۽ انهن جي مستقل سارسنڀال ممڪن هجي، اسڪولن ۽ بنيادي صحت مرڪزن ۾ پاڻي جي لازمي جاچ، ۽ پاڻي جي معيار جا نتيجا سنڌي ۽ اردو ۾ عوام تائين پهچائڻ.

محفوظ پيئڻ جو پاڻي ڪو نئون تصور يا رڳو ترقياتي منصوبي جو مقصد ناهي؛ اهو بنيادي انساني حق آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته پاڻي زندگي آهي. انهن کي اهڙي حڪومت جي ضرورت آهي، جيڪا محفوظ ۽ صاف  پاڻي کي نعرو نه، پر روزاني ذميواري سمجهي.

پاڻي جي نگراني جي عالمي ڏينهن تي اصل عمل هڪ ڏينهن پاڻي جو نمونو وٺڻ يا هيش ٽيگ لڳائڻ ناهي. اصل عمل اهو آهي ته سانگهڙ جي ڪنهن نلڪي، ملير جي ڪنهن گهٽي، دادو جي ڪنهن ڳوٺ يا ٺٽي جي ڪنهن ڊسپينسري جو پاڻي جانچيو وڃي، نتيجا عوام تائين پهچايا وڃن ۽ انهن نتيجن تي عمل به ڪيو وڃي. انگ اکر اهم آهن، پر انگن اکرن کان پوءِ ڪيو ويندڙ لاڳاپيل عمل ئي اصل امتحان آهي۔

You might also like