اڄڪلهه پاڪستان ۾ نون صوبن جي قيام بابت بحث هڪ ڀيرو ٻيهر زور وٺي رهي آهي، ۽ هن بحث جو سڀ کان وڌيڪ مرڪز سنڌ کي بڻايو پيو وڃي. مختلف ٽي وي چئنلن تي ٽاڪ شوز، سياسي پروگرامن ۽ تجزين ۾ هن موضوع تي مسلسل بحث جاري آهي. انهن بحثن ۾ سياستدانن سان گڏ ملڪ جا نامور سياسي، سماجي، معاشي ۽ انتظامي ماهر پڻ پنهنجا پنهنجا رايا پيش ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي نامور ماهرن ۽ دانشورن نون صوبن جي قيام واري تجويز تي سنجيده سوال اٿاريا آهن. ڊاڪٽر عائشا صديقا، ڊاڪٽر عشرت حسين، سينيٽر رضا رباني، ڊاڪٽر قيصر بنگالي، مشاهد حسين سيد، خرم حسين، ڊاڪٽر مليحه لوڌي، سهيل وڙائچ، حامد مير ۽ ٻين اهلِ فڪر ۽ دانشورن جي ڳالهين مان پڻ اهو سوال سامهون اچي ٿو ته ڇا رڳو صوبن جو انگ وڌائي ڇڏڻ ملڪ جي انتظامي، معاشي ۽ سياسي مسئلن جو حل آهي؟ اها به هڪ اهم حقيقت آهي ته سنڌ اسيمبلي ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلي نون صوبن جي قيام خلاف ٺهراءَ منظور ڪري چڪيون آهن. خاص طور تي سنڌ ۾ هن معاملي تي عوامي ردعمل انتهائي شديد رهيو آهي. سنڌ جا عوام بار بار اهو واضح ڪري چڪا آهن ته صوبي جي وحدت ۽ ان جي تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي سڃاڻپ کي نظرانداز نه ڪيو وڃي.
سنڌ جي معاملي کي سمجهڻ لاءِ ان جي تاريخ کي سامهون رکڻ پڻ ضروري آهي. سنڌ رڳو هڪ انتظامي ايڪو نه، پر هزارين سالن تي پکڙيل تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ رکندڙ خطو آهي. موهن جو دڙو کان وٺي ڀنڀور، ٺٽو ۽ سنڌ جي تهذيبي تاريخ هن خطي جي منفرد سڃاڻپ جي شاهدي ڏئي ٿي. پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ پڻ سنڌ جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ قراردادِ پاڪستان منظور ٿي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي 3 مارچ 1943ع تي هڪ تاريخي ٺهراءُ منظور ڪري مسلمانن لاءِ الڳ وطن جي قيام واري مطالبي جي باقاعده حمايت ڪئي. سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اها برصغير جي پهرين صوبائي اسيمبلي هئي، جنهن پاڪستان جي قيام واري مطالبي جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو. هن تاريخي پسمنظر ۾ سنڌ جي وحدت رڳو انتظامي مسئلو نه ٿي رهي، پر اها سنڌ جي عوام جي تاريخي شعور، سياسي جدوجهد ۽ اجتماعي سڃاڻپ سان پڻ ڳنڍجي وڃي ٿي. ون يونٽ جو تجربو اسان کي ڇا سيکاري ٿو؟
جيڪڏهن اسان ماضي ڏانهن ڏسون ته پاڪستان جي تاريخ هن حوالي سان اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ٿي. ون يونٽ جي قيام وقت پڻ اهو دليل ڏنو ويو هو ته ملڪ کي انتظامي طور هڪ مضبوط وحدت ۾ تبديل ڪرڻ سان ترقي، استحڪام ۽ وسيلن جو بهتر استعمال ممڪن ٿيندو. 1955ع ۾ ون يونٽ قائم ڪيو ويو، پر هن تجربي سان نه ته اها ترقي حاصل ٿي، جنهن جا دعوٰي ڪيا ويا هئا ۽ نه ئي صوبائي ۽ علائقائي احساسِ محرومي ختم ٿيو. ان جي ابتڙ، ننڍن صوبن ۽ مختلف علائقن ۾ اهو احساس پيدا ٿيو ته انهن جي سياسي، معاشي ۽ انتظامي سڃاڻپ ۽ حق متاثر ٿي رهيا آهن. نتيجي ۾ سياسي بيچيني ۾ اضافو ٿيو ۽ آخرڪار 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ڪرڻو پيو. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر تقريباً ساڳئي نوعيت جو دليل ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته صوبن جو انگ وڌائڻ سان انتظام بهتر ٿيندو، ترقي جا نوان دروازا کلندا ۽ عوام جا مسئلا سندن درن تي حل ٿيندا.
پاڪستان ۾ مڪاني حڪومتن جي نظام کي مضبوط ڪرڻ کانسواءِ رڳو صوبن جو انگ وڌائڻ سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ ڪيتري تبديلي ايندي؟ جيڪڏهن ڪنهن ضلعي، تعلقي يا يونين ڪائونسل ۾ بنيادي سهولتن، تعليم، صحت، پاڻي، روزگار ۽ بنيادي ڍانچي جا مسئلا موجود آهن ته نئون صوبو بڻجڻ کان پوءِ اهي مسئلا پاڻمرادو ڪيئن ختم ٿي ويندا؟ اصل ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن. مضبوط ۽ بااختيار مڪاني ادارا قائم ڪيا وڃن، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي، ضلعن ۽ تعلقن کي ترقياتي منصوبابندي ۾ حقيقي اختيار ڏنو وڃي ۽ انتظامي ادارن کي سياسي مداخلت کان آزاد ڪري اثرائتو بڻايو وڃي. جيڪڏهن هڪ عام شهري کي پنهنجي پاڙي، يونين ڪائونسل، تعلقي يا ضلعي جي سطح تي بنيادي سهولتون حاصل ناهن ته ان لاءِ صوبي جي سرحد ڪجهه سئو ڪلوميٽر اڳتي يا پوئتي ٿيڻ کان وڌيڪ اهم اهڙو نظام آهي، جيڪو سندس مسئلا سندس در تي حل ڪري.
اها ڳالهه واضح هئڻ گهرجي ته سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جا مسئلا حقيقي آهن ۽ انهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، ٺٽو، سجاول ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ عوام کي تعليم، صحت، روزگار، پاڻي، رستن، نيڪال ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي حوالي سان مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پر انهن مسئلن جو حل ڪنهن علائقي کي ٻئي کان جدا ڪرڻ نه، پر سڄي سنڌ ۾ هڪجهڙي ترقي، بهتر حڪمراني، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ مڪاني حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ آهي.
ڪراچي جا مسئلا پنهنجي جاءِ تي انتهائي اهم آهن. ان جو هڪ سبب اهو پڻ آهي ته هن شهر ۾ سڄي ملڪ مان ايندڙ ماڻهن ۽ افغان مهاجرن سميت ٻين پرڏيهين جي غيرقانوني طريقي سان اچڻ سبب آبادي ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. دنيا جي وڏن شهرن ۾ شمار ٿيندڙ ڪراچي کي بهتر ماس ٽرانزٽ، پاڻي، گندي پاڻي جي نيڪال، ڪچري جي انتظام، رستن، روزگار ۽ شهري منصوبابندي جي ضرورت آهي. انهن مسئلن جو حل رڳو نئين صوبي جي قيام ۾ نه، پر هڪ بااختيار، جوابده ۽ اثرائتي شهري حڪومت، صوبائي ۽ وفاقي ادارن وچ ۾ اختيارن جي واضح ورڇ ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ۾ آهي. جيڪڏهن مقصد واقعي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ آهي ته ان لاءِ سڀ کان پهرين مڪاني حڪومتن جي نظام کي مضبوط ڪرڻو پوندو. پاڪستان ۾ اهڙو مڪاني نظام هجڻ گهرجي، جنهن کي آئيني تحفظ حاصل هجي، جنهن وٽ پنهنجا وسيلا هجن، جنهن جا نمائندا بااختيار هجن ۽ جيڪي پاڻي، صفائي، رستن ۽ مقامي ترقي جي معاملن ۾ حقيقي فيصلا ڪري سگهن.
پاڪستان کي اڄ نون نقشن کان وڌيڪ بهتر حڪمراني جي ضرورت آهي. اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته جيڪي صوبا اڳ ئي موجود آهن، ڇا انهن اندر اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ٿيا آهن؟ ڇا مڪاني حڪومتون واقعي بااختيار آهن؟ ڇا وسيلن جي ورڇ منصفاڻي آهي؟ ڇا ادارا پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهن؟ جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب نفي ۾ آهي ته پوءِ رڳو نوان صوبا ٺاهي ڇڏڻ مسئلن جو مستقل حل نه ٿيندو. اسان کي تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي. ون يونٽ جو تجربو اسان جي سامهون آهي. ان مان واضح ٿيو ته رڳو انتظامي نقشو تبديل ڪرڻ سان ترقي، سياسي استحڪام ۽ عوامي خوشحالي جي ضمانت نٿي ملي. اهڙي طرح اڄ به جيڪڏهن اسان سمجهون ٿا ته نوان صوبا ٺهڻ سان ئي سمورا مسئلا حل ٿي ويندا ته اها رڳو خوش فهمي هوندي. اصل ڪاميابي ان وقت ممڪن آهي، جڏهن جمهوريت رڳو چونڊن تائين محدود نه رهي، پر عوام کي حقيقي معنيٰ ۾ حق، وسيلا، نمائندگي ۽ فيصلا سازي ۾ اختيار حاصل هجي.