ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي ٻار جي پيدائش کانپوءِ جسماني تبديلي تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي واهپيدارن ۽ شوبز شخصيتن باڊي شيمنگ خلاف آواز اُٿاريو آهي.
ڪجهه ڏينهن ڪترينا ڪيف پنهنجي مڙس وڪي ڪوشل سان گڏ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ سندس تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. ڪجهه واهپيدارن سندس وزن بابت تبصرا ڪندي تنقيد ڪئي، جنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن چيو ته حمل ۽ ٻار جي پيدائش کانپوءِ عورت جي جسم ۾ تبديليون فطري عمل آهن.
ڀارتي نقاد فريدون شهريار ۽ پاڪستاني اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر به اهڙن تبصرن تي ردعمل ڏيندي چيو ته عورتن جي ظاهري شڪل کي تنقيد يا مذاق جو موضوع بڻائڻ مناسب ناهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ هو ته مشهور شخصيتون به عام انسانن وانگر عمر ۽ جسماني تبديلين مان گذرن ٿيون، تنهنڪري انهن لاءِ غيرحقيقي خوبصورتي جا معيار مقرر ڪرڻ بدران همدردي ۽ احترام جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
گوري تو ۾ گُهنج پَيا يا روپ ڏنو رانڀوٽو ڙي؟“ ڪترينا ڪيف جي وائرل تصويرن ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو
You might also like