ٻارڻ جا ذخيرا گهٽ، ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل بحران جو خطرو

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ ٻارڻ جا ذخيرا گهٽ ٿيڻ سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي بحران جو خطرو پيدا ٿي ويو، آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل وفاقي وزير پيٽروليم ۽ اوگرا چيئرمين کي هنگامي خط لکي سرمائي جي کوٽ سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي خريداري متاثر ٿيڻ کان خبردار ڪري ڇڏيو، او سي اي سي موجب ملڪ ۾ پيٽرول جو صرف 18 ڏينهن ۽ ڊيزل جو 27 ڏينهن جو ذخيرو باقي بچيو آهي، جڏهن ته تيل درآمد ڪرائڻ لاءِ موجود سرمايو مسلسل گهٽجي رهيو آهي، جنهن سبب ايندھن جا اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻ به ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، حڪومت ڏانهن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا 66 ارب 70 ڪروڙ رپيا واجب الادا آهن، اها رقم پرائس ڊيفرنسيل ڪليمز ۽ مارجن جي مد ۾ ڦاٿل آهي، جنهن ڪري آئل ڪمپنيون سخت مالي مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن، آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل موجب ڪمپنيون پنهنجي موجود اسٽاڪ مان پيٽرول ۽ ڊيزل وڪرو ڪري بينڪن ۽ سپلائرز کي ادائيگيون ڪري رهيون آهن، جڏهن ته حڪومت وٽ ڦاٿل رقم پيٽرول جي لڳ ڀڳ 5 ڪارگوز جي برابر آهي، او سي اي سي جي جنرل سيڪريٽري ناظر عباس زيدي چيو آهي ته رهتن جي ادائيگي لاءِ 15 ڏينهن جو واعدو ڪيو ويو هو، پر 6 مهينا گذرڻ باوجود اهو واعدو پورو نه ٿيو، اوگرا آڏو به معاملي تي ٻڌڻي نه ٿي رهي آهي، او سي اي سي مطالبو ڪيو آهي ته اوگرا فوري طور ڪليمز جي رقم جاري ڪري، جيئن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي سرمائي جي کوٽ ختم ٿي سگهي ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي خريداري متاثر نه ٿئي، ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، پر آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو هڪ رپيو 22 پيسا في ليٽر مارجن اڃا تائين نه وڌايو ويو، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز جو به مارجن وڌايو وڃي.

You might also like