لنڊن (ويب ڊيسڪ) 2026ع جي يوگوو سروي موجب 55 سال يا ان کان وڏي عمر وارا ڪيترائي ماڻهو به هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو سوشل ميڊيا استعمال ڪن ٿا، ماهرن جو چوڻ آهي ته مسلسل اسڪرولنگ وڏي عمر وارن ماڻهن جي ڌيان ۽ روزمرهه زندگي کي متاثر ڪري سگهي ٿي.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي61 ورهين جي ٽريسي جو چوڻ آهي ته هوءَ فون تي گهڻو وقت گذاري ٿي ۽ اڪثر بي ڌياني ۾ فون کڻي اسڪرولنگ شروع ڪري ڇڏيندي آهي،
هن چيو ته اسڪرولنگ دوران خبر ئي نٿي پئي ڪهڙي جهان ۾ آهيون.
سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا ذهن کي ايترو مصروف رکي ٿي، جو اهم ۽ ضروري شين لاءِ گنجائش گهٽجي وڃي ٿي.
ٽريسي جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا جي عادت رڳو نوجوانن جو مسئلو ناهي، وڏي عمر وارن کي به پنهنجي عادتن جو جائزو وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٻار پنهنجي وڏن کي ڏسي سکندا آهن.
يونيورسٽي آف برائٽن جي سائبر سائڪالوجي جي محقق ڊيوڊ هارلي موجب، سوشل ميڊيا تي الگورٿم ذريعي پيش ٿيندڙ مواد ماڻهن جي ڌيان کي مسلسل پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، جنهن سان عادت ۽ مسئلا پيدا ڪندڙ روين کي هٿي ملي سگهي ٿي.
ٻئي پاسي يونيورسٽي آف سري جي ڊجيٽل ماهر بريجٽ اسٽانگل موجب، سوشل ميڊيا وڏي عمر وارن ماڻهن لاءِ لاڀائتي به ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي اڪيلائي گهٽائڻ ۽ خاندان توڙي دوستن سان رابطو برقرار رکڻ ۾.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اصل مسئلو سوشل ميڊيا جو استعمال نه، پر ان جو انداز آهي؛ بي مقصد مسلسل اسڪرولنگ جي ابتڙ بامقصد ۽ لاڀائتي استعمال وڏي عمر وارن لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.