پڙھيا لکيل ڪامورا،سياستدان ۽ ويڪائو دانشور پ پ حڪومت جا سھولت ڪار آھن:زين شاهه

جيڪب آباد(ڊ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني ھيٺ حيدرآباد،سکر ۽ لاڙڪاڻي بعد اڄ جيڪب آباد ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس گھرائي وئي جنھن ۾ جيڪب آباد ۽ شڪارپو جي سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي، سنڌ  قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو ته ملڪ ۾ ڪنٽرولڊ جمھوريت آھي ۽ ان کي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پنھنجي خواھش مطابق ھلائي ٿي،هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني ۽ بدترين معاشي حالت تي سندن ڪن تي ڪا جُونء نٿي سري اھڙي عمل جي ڪري ماڻھن جو سياست تان اعتماد کڄي ويو آھي، سيد زين شاھ چيو ته سنڌ جو ڪھڙو ادارو آھي جنھن ۾ ڪرپشن ناھي اسان جا کوڙ سارا پڙھيا لکيل ڪامورا،سياستدان ۽ ويڪائو دانشور پ پ پ حڪومت جا سھولتڪار آھن جن اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلبيشن ڪائونسل تحت زمينون وفاق ۽ ٻاھرئين سيڙپڪارن کي لکي ڏنيون آھن جنھن جي مذمت ڪيون ٿا، روشن علي ٻرڙو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو پ پ سارو رت ست چوسي ڇڏيو آھي ۽ ھر ادارو سڪتي ۾ آھي اچو ته دشمن کي گڏجي شڪست ڏيون، امير آزاد پنھور خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ مسلسل خراب حڪمراني  جي ڪري اڻ ڳڻيا مسئلا پيدا ٿيا آھن جن جو حل صرف سياست ۾ ئي آھي منير احمد نائچ چيو ته گڏجڻ سان ئي سنڌ جا مسئلا حل ٿيندا جڳديش آھوجا چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان ھٿ وٺي سنڌ جي سياست کي داغدار ڪيو ويو آھي رمضان ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 44 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاھر آھن ھزارين اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي،بجلي ۽ ضروري حاجت پوري ڪرڻ لاءِ ڪا به سھولت ناھي، ڪانفرنس کي حمير چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته پوليس عملدار مٽائڻ سان امن امان جو مسئلو حل نه پيو ٿئي،سنڌ قومي ڪانفرنس ۾ الطاف ميراڻي،محمد ھاشم سومرو،اي جي انصاري،محبوب سومرو،عبدالحئي سومرو، جمال جوش ٻرڙو، ظريت ساگر بجاراڻي، مير خادم ٻرڙو، مقبول لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ پنھنجن خيالن جو اظھار پڻ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.