ڪچي ۾ ڪلپر سردار ڌاڙيلن کان بدلو وٺي ڇڏيو، شهريار شر جون بگٽين آڏو صفايون

ڪراچي (اختيار کوکر) ڪچي واري علائقي ۾ پنهنجي قتل ٿيل پٽ جو پلاند وٺڻ لاءِ سوين ساٿين سان لٿل ڪلپر بگٽي قبيلي جي سردار جلال ڪلپر پنجاب پوليس سان گڏجي ڌاڙيلن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن کان جاري ويڙهه ۾ 7 ڌاڙيل مارجڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته آءِ جي پوليس 3 ڌاڙيل مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڌاڙيلن کان بدلو وٺڻ لاءِ ڪلپر سردار جلال بگٽي 3 مهينا اڳ لاٿل پڳ ٻيهر پائي ورتي آهي. اڳوڻو ايم پي اي شهريار شر ۽ پ پ اڳواڻ گل محمد جکراڻي جلال ڪلپر جي گهر پهچي پنهنجي صفائي پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته شر برادريءَ جا ماڻهو سندس پٽ جي قتل ۾ ملوث ناهن. ڪلپر سردار جو پٽ عبدالرحمان موٽر وي تي هٿياربندن جي ڦرلٽ دوران فائرنگ ۾ مارجي ويو هو، جنهن جو الزام شر برادريءَ سان واسطو رکندڙ ڌاڙيلن تي لڳو هو. ڪلپر سردار اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر سميت شر ڌاڙيلن کان بدلو وٺڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.