ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سٿ مٿان تشدد ۽ فائرنگ، احتجاج

ڪراچي اوڀر (رپورٽ: شفقت نوناري)ايم ڪيو ايم جي شاگرد ونگ آل پاڪستان متحده اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي بدمعاشن پاران ڪراچي  يونيورسٽي ۾ صوفي ڪينٽين تي چانهه پيئندڙ سنڌي شاگرد سٿ جي اڳواڻن شاگردياڻي رضوانه، عامر ۽ صغير  جو تعارف معلوم ڪرڻ بعد موبائيل چيڪ ڪري مٿن بناجواز  تشدد ڪندي پستول جا سڌا فائر ڪيا ۽ خوف و حراس پکيڙيوم جنهن خلاف سنڌي شاگرد سٿ پاران حملو ڪندڙن خلاف مبينا ٽائون پوليس اسٽيشن اڳيان ايف آئي آر درج ڪرڻ لاءِ مسلسل 20 ڪلاڪن کان احتجاجي مظاهرو ڪندي ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ حملي آورن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي، جنهن بعد مبينا ٽائون ٿاڻي تي اي پي ايم ايس او جي 7 حملي آورن مٿان سنڌي شاگرد سٿ جي اڳواڻ عامر تنيي جي فرياد تي مختلف قلمن، 354،506،504،147،48 تحت ايف آئي آر داخل ڪئي وئي،  عامر تنيي، رضوانه ۽ صغير صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه نسل پرست تنظيمن جا بدمعاش سال جي شروعات ۾ يونيورسٽي اندر خوف پکيڙڻ ۽ امن کي خراب ڪرڻ لاءِ پرامن خاص طور تي سنڌي شاگردن مٿان حملا ڪندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.