سمنڊ جي سطح وڌڻ سان انڊس ڊيلٽا ختم پئي ٿئي،ڪراچي جو وجود خطري ۾ آهي: ماحولياتي ماهر

ڪراچي(رپورٽر ) نامور ماحولياتي صحافي شيما صديقيءَ چيو آهي ته سمنڊ جي سطح ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، جنهن ڪري مستقبل ۾ اسان جا ساحلي علائقا، ڪراچي، ڍاڪا ۽ ٻيا پنهنجو وجود مِٽائي ويهي رهندا. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي انوائرمينٽل سائنسز شعبي پاران اسٽوڊنٽ افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ جي سهڪار سان پلاسٽڪ ۽ ماحولياتي چئلينجز جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته سمنڊ جو پائڻ اسان جي زرعي زمينن ۽ انساني زندگين لاءِ وڏو خطرو آهي. سمنڊ جي سطح وڌڻ سان انڊس ڊيلٽا پڻ ختم ٿي رهي آهي، تنهنڪري اسان کي ماحول کي پائيدار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. عالمي آرگنائيزيشنس جو حوالو ڏيندي هن چيو ته 3.3 ملين ٽن پلاسٽڪ جو ڪچرو سمنڊن ۾ وڃي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2050ع تائين سمنڊن ۾ ڪا به مڇي نه رهندي ۽ رڳو پلاسٽڪ وارا سمنڊ هوندا. اسان کي گهرجي ته پلاسٽڪ بدران اسٽيل ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ استعمال ڪيون،هن چيو ته کاڌي پيتي ۾ پلاسٽڪ جي ٿانوَن جي استعمال سان ڪينسر، ٽي بي ۽ ٻيون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن، خاص ڪري اسان جي ملڪ ۾ ڪينسر جا ڪيس وڌي رهيا آهن، هن چيو ته هاڻي سردي جي موسم اپريل تائين رهي ٿي ۽ هن سال ته بهار ڄڻ ته آيو ئي ڪونه. ھن  چيو ته موسمياتي تبديلي سبب اسان جي ڳوٺاڻن علائقن جي ماحولياتي نظام، زرعي زمينن ۽ زندگي گذارڻ جي طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان فطرت کان پري ٿي ويا آهيون ۽ ان جي خلاف ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جي آبادگارن جي اڪثريت زرعي زمينن ۾ ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪري رهي آهي، جنهن سبب به صحت ۽ ماحولياتي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، ان کان اڳ ماحوليات جي شعبي جي انچارج چيئرپرسن ڊاڪٽر حنا شهناز  مهمان کي ڀليڪار ڪيو. هن سيمينار جي ڪارروائي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي ماحوليات جي شعبي جي ليڪچرار خالد حسن هلائي. سيمينار ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.