نيويارڪ/ڪراچي(شهباز گل+شڪيل نائچ)سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ پينا فليڪس ۽ بئنر هڻائي رهيو آهي،جنهن ۾ ”ترقي لاءِ ضروري،ڪامران ٽيسوري“ جا نعرا لکيل آهن،ٽيسوري کي هاڻي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته هن کي هٽايو پيو وڃي،اي بي اين نيوز موجب شهبازشريف هن کان استعيفيٰ گهري آهي،اسٽيبلشمينٽ جو حمايت يافته ڪامران ٽيسوري اڃا تائين ته استعيفيٰ نه پيو ڏئي،ٻئي پاسي سيف الله خاندان کي ڪي پي جي گورنر شپ ڏيڻ تي غور جاري آهي،پنجاب جي گورنر سليم حيدر کي به هٽائي مسلم ليگ ن جو گورنر مقرر ڪيو ويندو،ڇا پ پ جو پتو ڪٽيو پيو وڃي؟تجزئي نگار اهو به چون پيا ته ٿي سگهي ٿو ته اهي گورنر تبديل نه ٿين،رڳو ان قسم جون خبرون هلائي 28هين ترميم لاءِ ووٽ ورتو وڃي،اهو به امڪان آهي ته صدر زرداري کي عهدي تان هٽايو وڃي، ٻئي پاسي فرينڊلي اپوزيشن جوڙي بلاول ڀٽو کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ جون تياريون به ٿي رهيون آهن،جڏهن ته گورنر ڪامران ٽيسوري گورنر هائوس کي ايم ڪيو ايم جي يونٽ آفيس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي،ڪامران ٽيسوري هڪ حساس اداري جي پوليٽيڪل ونگ جي نائب سربراهه جي آشيروارد سان گورنر ٿيو هو،هاڻي ادارن ان شخصيت کي قائل ڪري ڇڏيو آهي ته ڪامران ٽيسوري جو کيل بند ٿيڻ گهرجي، ڪامران ٽيسوري بابت اهو تاثر عام آهي ته هو سنڌ ۾ پ پ جي ڪرپشن تي خاموش آهي،۽ ان ڪرپشن مان پنهنجو ۽ ايم ڪيو ايم جو حصو وٺندو آهي،هاڻي ن ليگ جي حڪومت پ پ جي سنڌ حڪومت تي چيڪ اينڊ بيلنس رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي،ڪامران ٽيسوري جي جاءِ تي بشير ميمڻ ۽ نهال هاشمي کي گورنر بڻائڻ تي غور جاري آهي،جڏهن ته ڪامران ٽيسوري گورنري بچائڻ لاءِ اسلام آباد پهچي ويو آهي ۽ هڪ اداري جي پوليٽيڪل ونگ جي نائب سربراهه کي منٿون ۽ پيرين پئي رهيو آهي