ڪراچي(رپورٽر) صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي رپورٽ موجب پوري سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا 42 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ وڌيڪ 39 مريضن جي نشاندهي ٿي آهي۔ ڪراچي ڊويزن جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا 21 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته حيدرآباد جي سرڪاري اسپتالن ۾ 11 نون مريضن جي تصديق ڪئي وئي آهي،صحت کاتي موجب گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ گڏيل طور 3472 ماڻهن جا ڊينگي جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 245 ٽيسٽ هاڪاري آيا۔ صوبي ۾ ڊينگي سبب ڪنهن به قسم جي فوتگي رپورٽ نه ٿي آهي ٻئي پاسي ڪٿي به مڇر مار ڦوهارو نه ڪرايو ويو آهي.