نون صوبن جو اشو، عوام پاران مهانگائي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش قرار

اسلام آباد / ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام بابت سياسي حلقن ۾ بحث تيز ٿي ويو، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي حڪومتي ۽ مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ميمبرن نون صوبن جي قيام جي حق ۾ موقف اختيار ڪيو آهي،  ن ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ بهتر حڪمراني ۽ تيز رفتار ترقي لاءِ انتظامي يونٽن جو تعداد وڌائڻ ضروري آهي، جڏهن ته عوام جي هڪ وڏي حصي ان بحث کي وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻين بنيادي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي، ن ليگ جي ميمبر رشده لوڌي معاملو هن وقت بحث هيٺ آهي ۽ پاڪستان جي سالميت، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ جيڪو بهتر هوندو، اهو ئي فيصلو ٿيڻ گهرجي، ن ليگ جي ميمبر ناديا کُر نون صوبن جي قيام جي حمايت ڪندي چيو ته هوءَ ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکي ٿي، جيڪو پنجاب جي آبادي جو لڳ ڀڳ 33 سيڪڙو آهي، پر کيس 15 سيڪڙو به فنڊ نٿا ملن، سندس چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب کي به ترقي جا برابر موقعا ملڻ گهرجن ۽ ان لاءِ الڳ صوبو قائم ٿيڻ گهرجي، ن ليگ جي سينيئر ميمبر زڪيا شاهنواز چيو ته سمورا اڳواڻ گڏ ويهن ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ فيصلو ڪن، ن ليگ جي ميمبر اعجاز عالم آگسٽين پنجاب جي وڏي آبادي جو ذڪر ڪندي چيو ته ننڍا انتظامي يونٽ قائم ٿيڻ سان حڪمراني وڌيڪ بهتر ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري نون صوبن جي قيام تي غور ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي ميمبر وقاص چيو ته انتظامي يونٽ قائم ٿيڻ گهرجن، اختيارن جي منتقلي جو عمل مڪمل طور تي اثرائتو نه ٿي سگهيو آهي ۽ مقامي حڪومتن کي اهي اختيار حاصل ناهن، جيڪي کين ملڻ گهرجن. ان لاءِ مڪمل اختيارن وارا نوان انتظامي يونٽ ضروري آهن، پي ٽي آءِ جي ميمبر رٽائرڊ ڪرنل شعيب امير چيو ته سڄي ملڪ، خاص طور تي پنجاب ۾ نون صوبن جي سخت ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب جي موجوده انتظامي ڍانچي مان راجن پور، رحيم يار خان ۽ اٽڪ جهڙن ڏورانهن علائقن جا مسئلا مؤثر نموني حل نٿا ٿي سگهن، هن پنجاب ۾ ٽن کان چئن صوبن جي قيام جي حمايت ڪندي چيو ته نوان صوبا سمورين سياسي پارٽين جي اتفاقِ راءِ سان قائم ٿيڻ گهرجن ۽ ڪنهن تي مڙهڻ نه گهرجن. ان معاملي تي صوبائي اسيمبلين ۾ به تفصيلي بحث ٿيڻ گهرجي، امتيياز شيخ چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ جو اختيار عوام جي مينڊيٽ سان چونڊيل حڪومت وٽ هجڻ گهرجي. جن سياسي جماعتن پنهنجي منشور ۾ نون صوبن جو ذڪر ناهي ڪيو، اهي ان معاملي تي اڳتي نٿيون وڌي سگهن، جڏهن ته سندس جماعت پنهنجي منشور ۾ اهو معاملو شامل ڪري چڪي آهي، علي حيدر نيازي چيو ته جيڪڏهن نئين صوبي جي ضرورت آهي ته ان تي ضرور غور ٿيڻ گهرجي، پر نوان صوبا لساني، ٻولي يا ڪنهن قوم جي بنياد تي نه، پر عوام جي راءِ ۽ سمورين ڌرين جي اتفاقِ راءِ سان قائم ٿيڻ گهرجن، ٻئي طرف شهرين جي هڪ وڏي انگ نون صوبن بابت بحث تي تنقيد ڪندي چيو ته هي عوام جي اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نئون شوشو آهي، نوان صوبا قائم ڪرڻ سان نه مهانگائي گهٽ ٿيندي ۽ نه ئي روزگار جا مسئلا فوري طور حل ٿيندا، جڏهن ته حڪمرانن جون مراعتون ۽ خرچ وڌڻ جو خدشو آهي، ڪجهه شهرين نون صوبن جي قيام جي حمايت ڪندي چيو ته بهتر احتساب ۽ گڊ گورننس لاءِ ننڍا انتظامي يونٽ فائديمند ٿي سگهن ٿا. سندن چوڻ هو ته نون يونٽن سان انفراسٽرڪچر، صحت، تعليم ۽ روزگار جهڙن مسئلن تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهجي ٿو، شهرين جو چوڻ هو ته ننڍن شهرن ۽ ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي هر ڪم لاءِ لاهور يا ڪراچي وڃڻ جي ضرورت نه پوندي. جيڪڏهن هر صوبي وٽ پنهنجو بجيٽ ۽ وسيلا هوندا ته حڪمرانن کان پڇاڻو ڪرڻ پڻ آسان ٿيندو، تنهن هوندي به عوام جي اڪثريت نون صوبن واري معاملي کي سياسي شعبدابازي قرار ڏنو، شهرين چيو ته مهانگي بجلي، گئس ۽ پيٽرول جا مسئلا پنهنجي جاءِ تي موجود آهن، تنهن ڪري حڪمرانن کي سڀ کان پهريان مهانگائي تي ضابطو آڻڻ گهرجي، شهرين امجد اقبال، افتخار عارف ۽ بلال اصغر چيو ته ڪيترن ڏهاڪن کان ساڳيو حڪمران طبقو اقتدار ۾ رهيو آهي. سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن نوان صوبا به انهن ئي حڪمرانن ٺاهڻا آهن ته پوءِ عوام کي ان مان ڪهڙو فائدو ٿيندو، ڇو ته عوام کي موجوده مشڪلاتن ۾ به انهن ئي حڪمرانن جي پاليسين سبب مبتلا ٿيڻو پيو آهي، شهرين چيو ته ٻن وقتن جي ماني پوري ڪرڻ، ٻارن جي تعليم ۽ علاج جا خرچ برداشت ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، تنهن ڪري حڪومت کي نون صوبن جي بحث سان گڏ عوام جي بنيادي مسئلن تي به فوري ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڪجهه شهرين چيو ته نوان صوبا ضرور ٺهڻ گهرجن، پر انهن سان گڏ چيڪ اينڊ بيلنس ۽ حقيقي خودمختياري به يقيني بڻائي وڃي. سندن چوڻ هو ته عوام کي ايترا اختيار ملڻ گهرجن جو هو پنهنجي چونڊيل نمائندن کان سوال ڪري سگهن ۽ سڀني علائقن ۾ برابر ترقي يقيني بڻائي سگهجي، شهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ترقي يافته ملڪن ۾ گراس روٽ سطح تائين اختيار منتقل ڪيا ويا آهن، پر هتي جنهن وٽ اختيار اچي ٿو، اهو ان کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن حڪمرانن کي واقعي عوام جي ايتري ئي فڪر آهي ته سڀ کان پهريان مهانگائي تي ضابطو آڻين ۽ عوام کي اعتماد ۾ وٺن، ٻئي پاسي پاڪستان ۾ ماڻهن جو اعتماد مالي سال 2026ع جي ٽي ماهي دوران 24.4 سيڪڙو گهٽجي 65.3 سيڪڙو تي اچي ويو آهي. گيلپ پاڪستان ۽ ڊن اينڊ براد اسٽريٽ جي رپورٽ موجب موجوده حالتن بابت ماڻهن جو اعتماد 51.8 سيڪڙو، جڏهن ته مستقبل بابت اميدون 78.7 سيڪڙو رهيون. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 89.3 سيڪڙو ماڻهن مهانگائي کي ملڪ جو اهم مسئلو قرار ڏنو، جڏهن ته 81 سيڪڙو ماڻهن بيروزگاري بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي، سروي ۾ مجموعي طور 1592 ماڻهن کان راءِ ورتي وئي، 50 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن ۾ اعتماد ۾ 30.4 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.گيلپ پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر بلال گيلاني ۽ ڊن اينڊ براد اسٽريٽ جي نمائندي زبير قريشي چيو ته معاشي دٻاءَ، مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن جي اعتماد کي متاثر ڪري رهيا آهن.

You might also like