دل جو دورو اڄڪلهه عام ۽ هر عمر جي ماڻهن ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ مسئلو بڻجي ويو آهي. دل جي دوري جا سبب ڪهڙا به جهڙوڪ ٻاهريون شيون کائڻ، ڪو جسماني تحرڪ نه ڪرڻ، سگريٽ ڇڪڻ وغيره يا کڻي ٻيا به ڪيترائي سبب هجن پر اصل ڳالهه اها آهي ته دل جو دورو تڏهن پوندو آهي جنهن دل جون رڳون بلاڪ ٿي وينديون آهن.
ان جو مقصد اهو ٿيو ته سبب ڪهڙا به هجن پر دل جون رڳون بند ٿيون ته دل جو دورو پوندو آهي، هاڻي جيڪڏهن رڳون بند ٿيڻ جو مسئلو ئي حل ڪري ڇڏجي ته ڇا پوءِ دل جو دورو پئجي سگهي ٿو؟ جنهن جو سائنسي جواب آهي ڪڏهن به نه.
اها به حقيقت آهي ته دل جو دورو ته اوچتو پوندو آهي ته پر رڳون بند ٿيڻ وارو عمل اوچتو ناهي ٿيندو، اهو سالن کان شروع ٿي هلي هلي دل جي دوري تائين پهچندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن ۾ دل جي دوري جا ڏهه يا ويهه سال اڳ ئي اهڃاڻ ظاهر ٿيندا آهن ته ايندڙ وقت ۾ دل جو دورو پوندو يا نه پوندو پر انهن تي ڌيان ڏيڻ انتهائي ضروري هوندو آهي.
هلون ٿا دل جي دوري جي ترتيب ۽ سائنس ڏانهن.
دل ۾ موجود ڪرونري آرٽريز بلاڪ ٿيڻ جي ڪري دل جو ڪجهه حصو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي، جنهن کي ايم آءِ Mycardial infraction چيو ويندو آهي ۽ انکانپوءِ ئي دل جو دورو پوندو آهي. جنهن دوران دل ڏانهن رت پهچائيندڙ رڳون بند يا گهڻيون سوڙهيون ٿي وينديون آهن ۽ آڪسيجن دل تائين ناهي پهچندي. اان حالت جون نشانيون ڇاتي ۾ دٻاءُ، آڪڙ يا سور، ٻانهن جي سور جو ڪُلهي، پُٺي، ڳچي يا ڄاڙي ڏانهن وڃڻ، ساهه ۾ تڪليف، ٿڌو پگهر اچڻ، الٽي اچڻ يا اوچتي ڪمزوري، اِهي اُهي نشانيون آهن جيڪي ظاهر ڪنديون آهن ته دل جي دوري جي صورتحال آهي. پر ان کان اڳ ڇا ڏسي سگهجي ٿو يا ڪهڙي ڄاڻ ملندي آهي اهو انتهائي ضروري آهي.
جيڪڏهن دل جي دوري کي روڪڻو آهي ته ان لاءِ جسم ۾ داخل ٿيندڙ هڪ هارمون بابت ڄاڻڻ ضروري آهي جنهن کي انسولين چيو ويندو آهي.
انسولين وڌڻ جو سبب توهان جو کاڌو هوندو آهي، توهان چانور، ماني يا جيڪو ڪجهه به کائيندا آهي، اهو پينڪرياز جي ذريعي مٺاڻ پيدا ڪندو آهي، جيئن ئي انسولين وڌندو آهي ته رت ۾ موجود مٺاڻ/شگر رڳن ۽ فيٽ سيلز ڏانهن وڃڻ شروع ڪندي آهي، جيڪڏهن توهان پنهنجي کاڌي ۾ گهڻي مقدار ۾ ڪاربوهائڊريٽ يا تيل/سڻڀ استعمال ڪيو آهي مطلب کاڌو آهي ته انسولين به تمام گهڻي مقدار ۾ ٺهڻ شروع ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري هوريان هوريان پينڪرياز ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن جنهن جي ڪري وري انسولين ٺهڻ جو مقدار اڃا وڌڻ لڳندو آهي. جنهن کي انسولين ريزسٽنٽس چيو ويندو آهي.
اها گهڻي مقدار ۾ ٺهندڙ انسولين رت ۾ گند ڪچرو پيدا ڪندي آهي جيڪو ڪچرو رت جي رڳن جي ٻنهي پاسن کان زنگ جيان چمبڙڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ رڳن ۾ رت جو لنگهه سوڙهو يا بند ڪري ڇڏيندو آهي، نه رڳو ايترو پر ان سان توهان جي جسم ۾ پاڻي به گهڻو گڏ ٿيندو آهي ۽ شگر به گهڻي ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري شگر جو مرض ٿئي ٿو (اهو ئي سبب آهي ته شگر جي مريضن کي دل جو دورو پوڻ عام آهي) پر اهم ڳالهه اها آهي ته انسولين ريزسٽنس وارن کي ئي دل جو دورو پوندو آهي.
هن وقت تائين اوهانکي اها ڳالهه ته سمجهه اچي وئي هوندي ته دل جو دورو انسولين ريزسٽنٽس وارن کي پوندو آهي عنوان ۾ اسان هڪ ٽيسٽ جو ذڪر ڪيو آهي جنهن اهم ڳالهه جو ذڪر هاڻي ڪجي ٿو.
انسولين ريزسٽنٽس ڳولڻ يا جاچڻ جي لاءِ توهان کي گلوڪوز ٽالرنس ٽيسٽ جِي ٽي ٽي/او جي ٽي ٽي، انسولين ريسپانس سان گڏ ڪرائڻ گهرجي. اهي ٽيسٽ اوهان کي انسولينس ريزسٽنٽس جي باري ۾ چَڱي ريت وضاحت ڪري ڇڏيندي.
اپاءَ
جيڪڏهن ان ۾ ڳڙٻڙ هجي ته ان لاءِ ڊاڪٽر مختلف دوائون تجويز ڪندا آهن جن کي به استعمال ڪيو وڃي پر انسولين کي گهٽائڻ جو پهريون ۽ بهترين طريقو بُک تي(روزي ۾) رهڻ آهي. ان لاءِ هڪ هفتي ۾ 24 ڪلاڪ يا 36 ڪلاڪن جي بُک انتهائي ضروري آهي.
ان سان گڏ هلڪي ڦلڪي ئي صحيح پر ورزش ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي ۽ پنهنجي کاڌي ۾ فائبر کي به استعمال ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
انهن طريقن تي عمل ڪرڻ سان دل جي دوري کان محفوظ رهي سگهجي ٿو.