معاشي استحڪام جون دعوائون ڌوڙ، پاڪستان ”انتهائي مايوسي“ واري مرحلي ۾ داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ماڻهن جو اعتماد مالي سال 2026ع جي ٽِين ٽه ماهي دوران 24.4 سيڪڙو گهٽجي 65.3 سيڪڙو تي اچي ويو آهي.
گيلپ پاڪستان ۽ ڊن اينڊ براد اسٽريٽ جي رپورٽ موجب، موجودا حالتن بابت ماڻهن جو اعتماد 51.8 سيڪڙو، جڏهن ته مستقبل بابت اميدون 78.7 سيڪڙو رهيون.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 89.3 سيڪڙو ماڻهن مهانگائي کي ملڪ جو اهم مسئلو قرار ڏنو، جڏهن ته 81 سيڪڙو ماڻهن بيروزگاري بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي.
سروي ۾ مجموعي طور 1592 ماڻهن کان راءِ ورتي وئي، 50 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن ۾ اعتماد ۾ 30.4 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
گيلپ پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر بلال گيلاني ۽ ڊن اينڊ براد اسٽريٽ جي نمائندي زبير قريشي چيو ته معاشي دٻاءَ، مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن جي اعتماد کي متاثر ڪري رهيا آهن.

 

You might also like