گڏجي ماني کائو، خوش رهو! ماهرن 5 حيران ڪندڙ فائدا ٻڌائي ڇڏيا

ماهرن ۽ مختلف تحقيقن مان پتو لڳايو آهي ته ورهائي ونڊي کاڌو کائڻ سان ذهني صحت، خوشي ۽ سماجي لاڳاپن تي هاڪاري اثر پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته ڊپريشن ۽ ڊيمينشيا جو خطرو به گهٽجي سگهي ٿو.
آڪسفورڊ يونيورسٽي جي تحقيق موجب، گڏجي ماني کائڻ ماڻهن ۾ گڏيل تعلق، اعتماد ۽ هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو وڌائڻ جو اهم ذريعو آهي.
تحقيق مان اهو به ظاهر ٿيو ته ماڻهو جيترو وڌيڪ ٻين سان گڏ ماني کائن ٿا، اوتري ئي سندن جذباتي صحت بهتر هوندي آهي.
چين ۾ 9 هزار کان وڌيڪ 60 سالن يا ان کان وڏي عمر وارين عورتن تي ڪيل مطالعي مان پتو پيو آهي ته کاڌي جي ميز تي گڏ ويهندڙ ماڻهن جو انگ ڊپريشن جي خطري سان واضح تعلق رکي ٿو.
جپان جي هڪ ٻي تحقيق موجب، جيڪي ماڻهو پنهنجي خاندان سان گڏ رهڻ باوجود ڌار يا اڪيلو ماني کائيندا هئا، انهن ۾ ڊپريشن جون علامتون پيدا ٿيڻ جو امڪان ٻين سان گڏ ماني کائڻ وارن جي ڀيٽ ۾ پنج ڀيرا وڌيڪ هو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته گڏجي ماني کائڻ سان جسم ۾ خوشي جو احساس پيدا ڪندڙ اينڊورفنز وارو نظام سرگرم ٿئي ٿو، جنهن سان ماڻهن وچ ۾ قربت ۽ تعلق مضبوط ٿي سگهي ٿو.
تحقيق موجب، ڪنهن ٻئي شخص جي موجودگي ۾ ماني کائڻ سان کاڌي جو لطف ۽ ذائقو وڌيڪ محسوس ٿي سگهي ٿو.

ڊيمينشيا جو خطرو به گهٽجي سگهي ٿو
تحقيقن ۾ ڄاڻايو باقاعدگي سان اڪيلو ماني کائڻ دماغي صحت تي به ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو.
جپاني محققن موجب، اڪيلو ماني کائڻ وارن ماڻهن جي دماغ جي انهن اهم حصن جو حجم گهٽ هو، جيڪي سمجهه ۽ ذهني صلاحيتن سان لاڳاپيل آهن.
ماهرن جو خيال آهي ته گڏجي ماني کائڻ سان ملندڙ سماجي سهارو ۽ خوشي دٻاءُ گهٽائي سگهن ٿا، جڏهن ته مسلسل دٻاءُ اعصابي زوال جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ ماني کائڻ دوران ٿيندڙ ڳالهه به دماغ کي متحرڪ رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

رشتن ۽ دوستين لاءِ به فائديمند
تحقيق موجب، مختلف ملڪن ۾ گڏجي ماني کائڻ جي روايت ۾ فرق آهي، اٽلي ۾ گڏجي ماني کائڻ جي ثقافت خاص طور مضبوط آهي، جتي کاڌو خاندانن ۽ برادرين کي ڳنڍڻ جو اهم ذريعو سمجهيو وڃي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جديد دور ۾ وڌندڙ اڪيلائي کي گهٽائڻ لاءِ ماڻهن کي گڏجي ماني کائڻ ۽ هڪ ٻئي سان وقت گذارڻ جي روايت کي هٿي ڏيڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڪيلائي محسوس ڪري رهيو هجي ته کيس گڏجي ماني کائڻ جي دعوت ڏيڻ سندس ذهني ۽ سماجي صحت لاءِ لاڀائتي ٿي سگهي ٿو.

You might also like