ٽه ملڪي سيريز: پريٽوريس جو سئو، ناميبيا کي ڏکڻ آفريڪا هٿان شڪست

ونڊهوڪ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا ناميبيا کي سخت مقابلي کانپوءِ 11 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
ناميبيا ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ڇهين ميچ ۾ ناميبيا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 228 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان لوهان ڊري پريٽوريس شاندار بيٽنگ ڪندي 53 بالن تي 101 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 5 چوڪا ۽ 8 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته ڪانر ايسٽرهوئزن 40 بالن تي 88 رنسن جي تيز اننگز کيڏي.
ٻنهي اوپنرن پهرين وڪيٽ لاءِ 156 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري ٽيم کي مضبوط بنياد فراهم ڪيو.
نميبيا طرفان جان بالٽ 2 جڏهن ته گيرارڊ ايراسمس ۽ روبن ٽرمپلمين هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
ڏکڻ آفريڪا جي 229 رنسن جي هدف جي جواب ۾ نميبيا مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 217 رنسون ٺاهي سگهي.
نميبيا طرفان جان فريلنڪ 36 بالن تي 72 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 6 چوڪا ۽ 5 ڇڪا شامل هئا.
لورين اسٽين ڪيمپ 44 بالن تي 61 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان گيرارڊ ايراسمس 26 بالن تي 30 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
جي جي سمٽ 4 بالن تي 9، جڏهن ته روبن ٽرمپلمين 10 بالن تي 21 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا جي نڪوباني موڪونا 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته اينڊلي سميليان هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
طرفان لوهان ڊري پريٽوريس کي شاندار سينچري تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like