ٽوٿ پيسٽ ۽ ٻين شگر فري شين ۾ استعمال ٿيندڙ ”کنڊ جو متبادل“ دل جا دورا وڌائي ٿو، ماهرن جو انڪشاف

روايتي مٺاڻ (کنڊ) جي جاءِ تي استعمال ٿيندڙ هڪ مشهور گهٽ ڪيلورين وارو متبادل زائليٽول (Xylitol) دل جي دوري ۽ فالج سميت سنگين دل جي بيمارين جي وڌندڙ خطري سان ممڪن طور ڳنڍيل هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

يورپي سوسائٽي فار ڪارڊيالوجي ڪانگريس (European Society of Cardiology Congress) ۾ پيش ڪيل نئين تحقيق موجب ’زائليٽول‘ رت جي پليٽليٽن کي معمول کان وڌيڪ آسانيءَ سان ڄمڻ ۽ رت جا ڳوڙها ٺهڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، جنهن سبب دل جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ ڳڻتي وڌي وئي آهي.

زائليٽول قدرتي طور ميون ۽ ڀاڄين ۾ معمولي مقدار ۾ موجود هوندو آهي، جڏهن ته انساني جسم به قدرتي طور ان جو ٿورو مقدار پيدا ڪندو آهي. تنهن هوندي به، ان کي صنعتي طور وڏي مقدار ۾ تيار ڪري شگر فري چيگم، کٽمٺڙا، بيڪري جي شين ۽ ٽوٿ پيسٽ سميت مختلف شين ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.

ان جو ذائقو روايتي مٺاڻ ’کنڊ‘ جهڙو هوندو آهي، پر ان ۾ کنڊ جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو گهٽ ڪيلوريون هونديون آهن ۽ اهو رت ۾ شگر جي سطح ۾ نمايان واڌارو نٿو ڪري.

تحقيق دوران ڪينيڊين ڊگهي مدي واري عمر بابت مطالعي ۽ يورپي ڊگهي مدي واري طبي تحقيق سان لاڳاپيل 17 هزار 710 ماڻهن جي انگن اکرن جو تجزيو ڪيو ويو.

محققن تحقيق دوران رضاڪارن جي رت ۾ زائليٽول جي مقدار ۽ دل ۽ رت جي نالين سان لاڳاپيل خطرن وچ ۾ تعلق جو جائزو ورتو.

تحقيق پيش ڪندڙ ڊاڪٽر مارڪو وٽڪوسڪي موجب، اڳوڻين تحقيقن ۾ به اها ڳالهه سامهون اچي چڪي هئي ته زائليٽول پليٽليٽن ۾ رت ڄمڻ جي صلاحيت وڌائي سگهي ٿو، جڏهن ته رت ۾ زائليٽول جي وڌيڪ مقدار وڌيڪ خطري وارن ماڻهن ۾ ٽن سالن دوران دل جي بيمارين سان لاڳاپيل واقعن سان ڳنڍيل ڏٺي وئي هئي.

محققن واضح ڪيو آهي ته هاڻوڪي تحقيق زائليٽول جي استعمال ۽ دل جي دوري يا فالج وچ ۾ سڌو سنئون سبب ۽ اثر ثابت نٿي ڪري، پر ٻنهي وچ ۾ مضبوط تعلق جي نشاندهي ڪري ٿي.

ماهرن موجب، کنڊ جي متبادل زائليٽول جا دل جي صحت تي ڊگهي مدي وارا اثر سمجهڻ لاءِ اڃا وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، خاص طور تي ان ڪري جو مختلف شين ۾ ان جو استعمال وڌندو پيو وڃي.

You might also like