اسلام آباد (عمران شفقت) سياسي بساط تي هن وقت جيڪي مهرا هلايا پيا وڃن، اهي ظاهري طور نظر ايندڙ خبرن کان گهڻو وڌيڪ گهرا ۽ پراسرار آهن. ايوانن جي چهل پهل ۽ ٽي وي اسڪرينن تي جاري شور شرابي جي پويان هڪ اهڙي راند کيڏي پئي وڃي، جتي آئيني موشگافيون ۽ انتظامي فيصلا گڏجي ملڪ جو نئون نقشو ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. تازن ڏينهن ۾ ٿيندڙ پنج وڏيون اڳڀرايون رڳو خبرون ناهن، پر هن نظام جي ٽٽڻ ڦٽڻ ۽ طاقت جي مرڪزن جي بدلجندڙ مزاج جو پتو ڏين ٿيون. سياست جي تجربيڪار رانديگر آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر دبئي ۾ ويهي اهڙو پتو کيڏيو آهي، جنهن مقتدر حلقن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي تازي قرارداد، جنهن ۾ صوبي جي ڪنهن به قسم جي ورهاڱي يا نون انتظامي يونٽن جي مخالفت ڪئي وئي آهي، دراصل اسٽيبلشمينٽ جي ان پراڻي منصوبي خلاف هڪ اعلانِ جنگ آهي، جنهن ۾ ننڍن انتظامي يونٽن کي سمورين بيمارين جو حل سمجهيو پيو وڃي. هن وقت رياست ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ اعتماد جو قحط پيدا ٿي چڪو آهي. اسٽيبلشمينٽ نه رڳو پي ٽي آءِ کان ناراض آهي، پر اها ن ليگ جي جي حضوري تي به مڪمل ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن ٽه رڪني سياسي بحران ۾ اعتماد جي موت واقع ٿي چڪي آهي، پر طاقتور حلقا اڃا به پنهنجي منصوبي تي قائم آهن. رياستي حلقن ۾ اها ڳالهه حتمي ۽ يقين سان چئي پئي وڃي ته صوبا ته ٺهي رهندا. لب و لهجي جي هي حتمي نوعيت ٻڌائي ٿي ته بساط وڇائجي چڪي آهي، هاڻي رڳو مهرن جي ترتيب باقي آهي.