آصف جي نئين حڪمت عملي سبب طاقتور حلقا سوچڻ تي مجبور

اسلام آباد (عمران شفقت) سياسي بساط تي هن وقت جيڪي مهرا هلايا پيا وڃن، اهي ظاهري طور نظر ايندڙ خبرن کان گهڻو وڌيڪ گهرا ۽ پراسرار آهن. ايوانن جي چهل پهل ۽ ٽي وي اسڪرينن تي جاري شور شرابي جي پويان هڪ اهڙي راند کيڏي پئي وڃي، جتي آئيني موشگافيون ۽ انتظامي فيصلا گڏجي ملڪ جو نئون نقشو ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. تازن ڏينهن ۾ ٿيندڙ پنج وڏيون اڳڀرايون رڳو خبرون ناهن، پر هن نظام جي ٽٽڻ ڦٽڻ ۽ طاقت جي مرڪزن جي بدلجندڙ مزاج جو پتو ڏين ٿيون. سياست جي تجربيڪار رانديگر آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر دبئي ۾ ويهي اهڙو پتو کيڏيو آهي، جنهن مقتدر حلقن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي تازي قرارداد، جنهن ۾ صوبي جي ڪنهن به قسم جي ورهاڱي يا نون انتظامي يونٽن جي مخالفت ڪئي وئي آهي، دراصل اسٽيبلشمينٽ جي ان پراڻي منصوبي خلاف هڪ اعلانِ جنگ آهي، جنهن ۾ ننڍن انتظامي يونٽن کي سمورين بيمارين جو حل سمجهيو پيو وڃي. هن وقت رياست ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ اعتماد جو قحط پيدا ٿي چڪو آهي. اسٽيبلشمينٽ نه رڳو پي ٽي آءِ کان ناراض آهي، پر اها ن ليگ جي جي حضوري تي به مڪمل ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن ٽه رڪني سياسي بحران ۾ اعتماد جي موت واقع ٿي چڪي آهي، پر طاقتور حلقا اڃا به پنهنجي منصوبي تي قائم آهن. رياستي حلقن ۾ اها ڳالهه حتمي ۽ يقين سان چئي پئي وڃي ته صوبا ته ٺهي رهندا. لب و لهجي جي هي حتمي نوعيت ٻڌائي ٿي ته بساط وڇائجي چڪي آهي، هاڻي رڳو مهرن جي ترتيب باقي آهي.

You might also like