گوادر ۾ هٿياربندن گوليون هڻي ستن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ هٿياربندن گوليون هڻي ستن ڄڻن کي قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو.
گوادر جي علائقي سربندر ۾ فش هاربر ويجهو رهائشي ڪوارٽر ۾ هٿياربندن داخل ٿي فائرنگ ڪئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ ست ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۽ زخمي جو واسطو پنجاب جي ضلعي خانيوال سان ٻڌايو پيو وڃي.
سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گوادر ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي 7 ڄڻن جي قتل تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته هو ڏک جي گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن سان گڏ بيٺل آهن، معصوم ماڻهن جي جانين سان کيڏندڙ وحشي انسان سڏرائڻ جو حقدار ناهن، هو دهشتگردي جي ناسور کي مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءَ لانگو گوادر جي علائقي سربندر ۾ بيگناهه پورهيتن جي قتل جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءَ لانگو چيو ته پورهيتن جو قتل دهشتگردي آهي، هٿين خالي مزدورن جو قتل بزدلاڻو قدم آهي، دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، واقعي جي سمورن رخن جو جائزو ورتو پيو وڃي، ملوث دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گوادر ۾ ستن پورهيتن جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته بيگناهه مزدورن جو قتل دهشتگردي آهي، واقعي ۾ ملوث وحشين کي انجام تائين پهچايو وڃي، پاڪستاني قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.
ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ گوادر هوائي اڏي تي شرپسندن حملي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي سيڪيورٽي اهلڪارن ناڪام بڻائي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.