9 مئي سانحي کي سال مڪمل، پاڪ فوج سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ريليون، تقريبون

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) 9 مئي واقعن کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو، اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۽ سموري پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو آهي ۽ انتظاميا ڪنهن به غيرقانوني ميڙاڪي يا مظاهرن خلاف ڪارروائي کان خبردار ڪري ڇڏيو آهي.
نوَ مئي جي موقعي تي ڪابينا جو خاص اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پيپلز پارٽي، آءِ پي پي، نيشنل پارٽي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ مسلم ليگ ق جا ميمبر شرڪت ڪندا.
جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ اڄ خاص تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف شرڪت پڻ ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي فورم تان 9 مئي سانحي تي خصوصي پيغام ڏيندو.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ 9 مئي واقعي جي مذمت ۽ شهيد سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويندو.
هوڏانهن اڄ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي ۽ تقريبون ڪوٺائي پاڪ فوج سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.