وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس، 9 مئي واقعن ۾ پي ٽي آءِ جي سڌي ريت ملوث هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي خاص اجلاس ۾ 9 مئي جي واقعن ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي سڌي ريت ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ذريعن موجب، نگران حڪومت ۾ نوَ مئي واقعن جي جاچ بابت قائم ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ وفاقي ڪابينا جي خاص اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي 9 مئي ۾ سڌي ريت ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، رپورٽ جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا ان معاملي بابت قانونسازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ڪابينا ميمبرن نوَ مئي سانحي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪيس جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو .
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ميمبرن جو چوڻ هو ته ڪيپيٽل هِل ۾ ملوث عنصرن کي سزا ملي ته پوءِ نوَ مئي جي جوابدارن کي اڃا تائين سزا ڇو ناهي ملي.
ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيانن ۾ نوَ مئي جي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي .
هوڏانهن پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ 9 مئي وڳوڙن کي قومي ٻڌي کي نقصان پهچائڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب، 9 مئي جي واقعن جي رٿابندي ڪندڙن، سهولتڪارن سان ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.