9 مئي جي رٿابندي ڪندڙن ۽ سهولتڪارن سان ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي: پاڪ فوج

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج 9 مئي وڳوڙن کي قومي ٻڌي کي نقصان پهچائڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان جي هٿياربند فوج، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس 9 مئي سانحي تي ٿيل مجرماڻي ڪارروائين جي سخت لفظن مذمت ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، سندن شهيد ۽ انهن جا خاندان پاڪستان جو فخر آهن، پاڪ فوج پنهنجي عزت ۽ وقار کي هر قيمت تي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪ فوج جو پاڪستان جي عوام سان خاص رشتو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جو 9 مئي بابت واضح موقف آهي ته قومي تاريخ جي هن ڪاري ڏينهن، سياسي طور تي سرگرم ۽ برين واشد وڳوڙين بغاوت ڪئي ۽ ڄاڻي واڻي رياستي ادارن خلاف تشدد جو سهارو ورتو.
آءِ ايس پي آر موجب، وڳوڙين ڄاڻي واڻي رياست جي مقدس نشانين ۽ قومي ورثي سان تعلق رکندڙ هنڌن تي ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ پاڻمرادو ۽ تنگ نظر انقلاب آڻڻ جي ناڪام ڪوشش هئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج انتهائي صبر جو مظاهرو ڪندي تخريبڪارن ۽ سندن سربراهن سان گڏ رٿابندي ڪندڙن جي بزدلاڻي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب، وڳوڙي عنصرن جو بنيادي مقصد ڏفيڙ پکيڙي عوام ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ تڪرار کي ڀڙڪائي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته قومي ڀائيچاري ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ هن سازش جي رٿابندي ڪندڙن، مددگارن ۽ حملا ڪندڙن هٿياربند فوج ۽ رياست خلاف نفرت جي هڪ ڪريل مهم شروع ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، وڳوڙي عنصرن موقف کي ٽوڙي مروڙي شرم جوڳي طريقي سان پاڻ کي آزاد قرار ڏيڻ ۽ الزام رياستي ادارن تي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته انهن ئي سببن ڪري 9 مئي سانحي جي رٿابندي ڪندڙن، مددگارن ۽ حملا ڪندڙن سان ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي کين قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي.
آءِ ايس پي آر موجب، 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته “مستقبل ۾ ڪو به سندن هيروز جي يادن ۽ اتحاد جي نشانين کي اهڙي غلط طريقي سان بيحرمتي ڪرڻ جي جرئت نه ڪري.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اڄوڪي ڏينهن هٿياربند فوج پاڪستان جي خودمختياري ۽ علاقائي سلامتي جو بچاءَ ڪرڻ، ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي عزم جي وچن کي ورجائي ٿي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اچو ته اڄ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشن جي مذمت ڪريون ۽ پنهنجي پياري ملڪ جي خوشحالي توڙي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪريون، پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان پائندا باد.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.