ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ دوران محسن نقوي اوچتو تهران پهچي ويو، دوري جو مقصد ڇا؟

تهران (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير محسن نقوي اوچتو تهران پهچي ويو آهي، جتي ايراني همنصب سڪندر مومني سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
گهرو وزير سومر ڏينهن اوچتو تهران پهتو، محسن نقوي تهران ۾ اعليٰ ايراني اختيارين سان ملاقاتون ڪندو.
ايراني ميڊيا موجب، محسن نقوي جي دوري جو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ موجودا معاملن سان ڪو واسطو ناهي ۽ اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ سهڪار کي اڳتي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندو.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ٻه ڏينهن اڳ چيو هو ته محسن نقوي جو دورو مڪمل طور ٻطرفين ڳالهين جي دائري ۾ هوندو، جڏهن ته اهو به ممڪن آهي ته پاڪستان جو ڪو اقتصادي وزير به سندس همراهي ڪري.
محسن نقوي تازن مهينن دوران به ڪيترائي ڀيرا ايران جو دورو ڪري چڪو آهي.
پاڪستان ۽ قطر، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۾ ٻنهي وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
قطر به سومر ڏينهن چيو آهي ته سندس نمائندا ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن.

You might also like