نوَ مئي، رياست، فوج ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف بغاوت هئي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي جي سازش پاڪستاني رياست سان گڏ فوج ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف بغاوت هئي ۽ شڪر آهي سازش دم ٽوڙي ڇڏيو.
وفاقي ڪابينا جي خاص اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم ۽ تاريخ 9 مئي جي ڪردارن کي ڪڏهن معاف نه ڪندي.
هن چيو ته هڪ سال گذرڻ باوجود قوم ۽ پاڪستان پنهنجي ڏوهارين کي نه وساريو آهي ۽ نه وساريندي، کين اڳتي وڌڻو آهي ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن، پنهنجي نئين نسل کي روشن مستقبل ڏنو ويندو.
پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته ته 9 مئي رڳو تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن ناهي، هي رياست تي سياست قربان ڪرڻ ۽ سياست لاءِ رياست تي حملو ڪندڙن جي ٻن سوچن کي ڌار ڌار ڪرڻ جو ڏينهن آهي.
سندس چوڻ هو ته هڪ طرف وطن تي رت ڏيندڙ قوم جا عظيم پٽ، سندن عظيم خاندان ۽ محب وطن عوام آهي، ٻئي طرف نفرت جي باهه ۾ سڙندڙ اهي ڪردار آهن جن جي دل ۾ رياستي مفادن جو ڪوبه درد ناهي.
شهباز شريف چيو ته مئي 2023 ۾ پي ڊي ايم حڪومت ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئي، اتحادي حڪومت 190 ملين پائونڊ واري معاملي جو نوٽيس نه وٺي ها ته شايد اِهي حملا نه ڪيا وڃن ها.
هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ۾ بدديانتي جو نوٽيس نه ورتو وڃي ها ته شايد حملا نه ٿين ها، جيڪڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر جي آفيس فارين فنڊنگ جو نوٽيس نه وٺي ها ته شاهد حملا نه ٿين ها، هي حملا شايد نه ٿين ها جيڪڏهن هڪ ڪٺ پتلي حڪومت کي نه هٽايو وڃي ها.
وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اِها ڳالهه گهرجي ته 9 مئي جا اِهي حملا ڇو ڪيا ويا، 9 مئي جي سازش پاڪستاني رياست سان گڏ فوج ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف بغاوت هئي، شڪر آهي سازش دم ٽوڙي ڇڏيو.
هن چيو ته اهڙن وڳوڙين کي قانون پنهنجي گرفت ۾ ورتو، ڪو به ملڪ پنهنجي هيروز ۽ شهيدن جي خلاف گٿي ۽ ڪِريل ٻولي برداشت نٿو ڪري سگهي.
وزيراعظم سوال ڪوي ته هڪ سال گذرڻ باوجود هنيئر تائين نوَ مئي جي جوابدارن کي سزا ناي ملي قوم اسان کان ۽ اِهي ادارا جن جي ذميواري آهي انهن کان سوال پڇي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.