”عمران خان لاءِ معافي جو رستو موجود آهي“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته نوَ مئي تي پي ٽي آءِ باني عمران خان لاءِ رستو موجود آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح طور نوَ مئي واقعن ۾ ملوث عنصر معافي وٺن، هاڻي معافي وٺڻ يا نه وٺڻ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي مرضي آهي، پر سندس لاءِ معافي جو رستو موجود آهي.
هن چيو ته افسوس جوڳي ڳالهه اِها آهي ته شهيدن کي نشانو بڻايو ويو، قومي هيروز جي مجسمن کي مسمار ڪري ڪهڙو پيغام ڏنو ويو؟
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته نوَ مئي ڪنهن شخص جي انا ناهي ملڪ جي انا جي ڳالهه آهي ۽ نوَ مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو رياست تي حملو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.