ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن في تولو سون 2700 سستو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2700 رپيا لاٿ کانپوءِ 4 لک 57 هزار 536 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙيءَ ريت 10 گرام سون به 2315 رپيا گهٽجي 3 لک 92 هزار 263 رپين تي پهچي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 27 ڊالر گهٽتائي کانپوءِ 4 هزار 350 ڊالرن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
You might also like