اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۽ پاڪ-افغان سرحدي علائقي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج خلاف ڪارروائيون ڪندي 37 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
سڌ سماءُ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، خيبرپختونخوا ۾ تازن دهشتگرد حملن کانپوءِ منظم ۽ گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا ويا، جن دوران سيڪيورٽي فورسز ڪوهاٽ، هنگو ۽ ٽل جي علائقن ۾ ڪارروائيون ڪيون.
سڌ سماءُ واري وزارت جو چوڻ آهي ته حملن جي ذميوار دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهه گاهن کي فضائي ڪارروائين ذريعي نشانو بڻايو ويو.
بيان موجب، 20 سيپٽمبر تي ڪوهاٽ ۽ هنگو ۾ ڪيل انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائين دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جا 9 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا.
اطلاعات واري وزارت موجب، پاڪ-افغان سرحدي علائقي ۾ به فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ڪئمپن ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو. ڪارروائي دوران 3 هدف ڪاميابي سان تباهه ڪيا ويا، جن ۾ آپگهاتي بمبارن جي سکيا جو مرڪز به شامل هو.
بيان موجب، ڄاڻايل ڪارروائين ۾ ڪيترن ئي آپگهاتي بمبارن سميت وڌيڪ 28 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته انهن جي مرڪزن ۽ ٺڪاڻن ۾ موجود وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد به تباهه ڪيو ويو.
سڌ سماءُ واري وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان هميشه خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ شهرين جي سلامتي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
وزارت موجب، افغانستان جو بدستور دهشتگردي جو مرڪز هجڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ پاڪستان کي درپيش دهشتگردي جو خطرو افغانستان مان پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري دهشتگردن جي مرڪزن کي درست نشاندهي سان نشانو بڻايو ويو.
بيان موجب، ڪارروائين دوران وڌ کان وڌ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون ويون ۽ يقيني بڻايو ويو ته ڪنهن به قسم جو ضمني نقصان نه ٿئي.
وزارت جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي خاتمي واري مهم ”غضب للحق“ پوري رفتار سان جاري رهندو، جنهن جو مقصد ملڪ مان غيرملڪي سرپرستي ۽ سهڪار سان ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ آهي.
سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي خارجين جا مرڪز تباهه ڪري ڇڏيا، آپگهاتي بمبارن سميت 37 دهشتگرد مارجي ويا
You might also like