نوَ مئي جي رٿابندي ڪندڙن کي معاف نٿو ڪري سگهجي: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته اقتدارپرستن هوس ۾ اِهو ڪري ڇڏيو جيڪو دشمن به نه ڪري سگهيو.
نوَ مئي سانحي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته پاڪستان خلاف سازش ڪندڙن کي انجام تائين پهچائڻ ضروري آهي، قوم 9 مئي کي نه وساريندي نه واقعن ۾ ملوث عنصرن کي معاف ڪندي.
هن چيو ته نوَ مئي تاريخ جو ڪارو بابت آهي جنهن ڏينهن اقتدار پرستن هوس ۾ اِهو ڪري ڇڏيو جيڪو دشمن به نه ڪري سگهيو.
مريم نواز چيو ته هوس پرستن قوم جي عزت ۽ ساک جي ريڊ لائين ڪراس ڪئي، پاڪستان خلاف سازش ڪندڙن کي انجام تائين پهچائڻ ضروري آهي.
سندس چوڻ هوته قومي اداري کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ۽ ڏوهاري وائکا ٿي چڪا آهن، سياست خاطر ملڪ ۽ قوم جو وقار پائمال ڪندڙن کي معاف نٿو ڪري سگهجي.
مريم نواز چيو ته نفرف جي باهه ۾ سڙندڙ ڪرادر پنهنجي انجام تي پهچڻ وارا آهن، نوَ مئي جي هر ڪردار کي ڄاڻي چڪا آهيون، نوَ مئي جي رٿابندي ڪندڙ تاريخ جي گند جي ٽوڪريءَ ۾ نظر ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.